اسلام آباد – 20 ڊسمبر (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو آهي ته انفارميشن ٽيڪنالاجيز قومن جي ترقي ۽ خوشحالي لاءِ اهم آهن، ڊجيٽل پاڪستان جي تصور کي حقيقت بڻائڻ لاء?? هواوي، انفارميشن ٽيڪنالاجي ۽ ??يل?? ڪميونيڪيشن واري وزارت ۽ ٻين حصيدارن جي وچ ۾ تعاون کي فروغ ڏنو وڃي. اهڙن خيالن جو اظهار هن هواوي جي سپروائيزري بورڊ جي ميمبر سٽيون يي سان ڳا??هائيندي ڪيو جنهن هڪ وفد سان ايوان صدر ۾ ساڻس ملاقات ڪئي.