وفاقي ڪابينا جي اجلاس بابت ڊاڪٽر فردوس عاشق اعواڻ جي بريفنگ

image
APP37-10 ISLAMABAD: March 10 – Special Assistant to PM on Information and Broadcasting Dr. Firdous Ashiq Awan addressing a press conference at PID Media Centre. APP photo by Sadia Haideri

اسلام آباد – 10 مارچ (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان جي صدارت ۾ وفاقي ڪابينا گرمي جي ايندڙ موسم ۾ ڊينگي جي خطري تي ضابطو آڻڻ جي لاءِ ڪجهه ضروري دوائون ڀارت کان درآمد ڪرڻ جي هڪ ڀيري جي اجازت جي تجويز رد ڪري ڇڏي جڏهن ته کنڊ جي معاملي جي جاچ ڪندڙ ڪميٽي کي پاڪستان ڪميشن آف انڪوائري ايڪٽ 2017ع تحت ڪميشن آف انڪوائري جا اختيار ڏيڻ، هر سال پروف آف ليونگ (زندهه هجڻ جو ثبوت) جي ڏس ۾ نادرا جي بايوميٽرڪ ويريفڪيشن نظام کي لاڳو ڪرڻ، وفاقي گادي واري شهر جي حدن ۾ موجود ادارن ۾ گريڊ هڪ کان 15 تائين جي جاين لاءِ اسلام آباد ڊوميسائيل رکندڙ ماڻهن جي ڪوٽا 50 سيڪڙو ڪرڻ، مختلف ادارن ۾ مقررين جي منظوري ڏيندي، سيڙپڪاري بورڊ جي چيئرمين زبير گيلاني جي استعيفيٰ منظور ڪئي وئي. وزيراعظم عمران خان جي صدارت ۾ وفاقي ڪابينا جي اجلاس کانپوءِ وزيراعظم جي اطلاعات ۽ نشريات بابت خاص مددگار ڊاڪٽر فردوس عاشق اعواڻ ميڊيا کي بريفنگ ڏيندي ٻڌايو ته ڪابينا وفاقي ملازمن پاران پگهارن ۾ اضافي جي مطالبي جو پڻ جائزو ورتو. ڪابينا کي ٻڌايو ويو ته صوبائي حڪومتن پاران روايت جي ابتڙ ملازمن جي پگهارن ۾ اضافو ڪيو ويو جنهن سان صوبائي ۽ وفاقي سطح تي پگهارن ۾ فرق موجود آهي جڏهن ته سرڪاري ملازمن جي لاءِ پنهنجا مطالبا پيش ڪرڻ جو هڪ طريقو قانون ۾ موجود آهي جنهن جي پاسداري انتهائي ضروري آهي.

مضمون کا ماخذ : بڑا برا بھیڑیا۔