اسلام آباد – پهرين اپريل (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته ڪر??نا وائرس سبب پيدا ٿيندڙ صورتحال هڪ آزمائش آهي، اسان جي قوم گ??جي ان جو مقابلو ڪندي ۽ هڪ عظيم قوم بڻجي اڀرندي، ملڪ جي غريب ۽ ڪمزور طبقن جو خصوصي خيال رکڻو پوندو، ان مقصد لاءِ ڪر??نا رليف فنڊ ۽ ٽائيگر ف??رس جو ڪردار گهڻو اهم آهي، عوام ڊسيپلين قائم ڪر?? ۽ يقين رکي ته انهن جو پئسو ضايع نه ٿيندو. اهڙن خيالن جو اظهار هن اي آر واءِ نيٽ ورڪ طرفان وزيراعظم کي ڪر??نا رليف فنڊ جي حوالي سان ٽيلي ٿون ٽرانسميشن جي دوران ڪيو. وزيراعظم چيو ته ڪر??نا وائرس سبب پوري دنيا ۾ غير معمولي صورتحال پيدا ٿي آهي اهو ڏکيو وقت ضرورت آهي پر مون کي يقين آهي ته اسان جي قوم ان آزمائش مان هڪ عظيم قومي بڻجي اڀرندي. هن چيو ته ڪا به جنگ حڪومت اڪيلي سر نٿي کٽي سگهي، ان جي لاءِ پوري قوم جو گڏ هجڻ لازمي آهي ۽ ڪر??نا وائرس جي خلاف جنگ به قوم متحد ٿي وڙهندي. ان مقصد لاءِ اسان سڀني کي پنهنجي پنهنجي حصي جو ڪردار ادا ڪرڻو پوندو.