اسلام آباد – 06 اپريل (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته ڪرونا جهڙي وبا جي خلاف ڊاڪٽر ۽ ميڊيڪل اسٽاف اسان جو ه?? اول دستو آهي، ڊاڪٽر ۽ طبي عملي کي هر حال ۾ ۽ ترجيحي بنيادن تي انهن جي ضرورتن موجب حفاظتي سامان فراهم ڪرڻ حڪومت جي اولين ت??جيح آهي. وزيراعظم ت??ميراتي شعبي جي بحالي جا ثمر هيٺئين طبقي خاص طور تي مزدورن ت??ئين پهچائڻ کي يقيني بڻائڻ جي هدايت پڻ ڪئي. اهڙن خيالن جو اظهار هن ملڪ ۾ ڪرونا وائرس جي صورتحال جي حوالي سان جائزه اجلاس جي صدارت ڪندي ڪي??.