شموليت جي ڪلچر کي فروغ ڏيڻ سان چئلينجن کي گهٽ ڪرڻ ۾ ڪاميابي حاصل ٿي آهي: شبلي فراز

image
APP44-09 ISLAMABAD: September 09 - Federal Minister for Information and Broadcasting Senator Shibli Faraz addressing during international conference on “An Inclusive and Peaceful Society in Pakistan; Challenges and Opportunities”. APP

اسلام آباد – 09 سيپٽمبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير سينيٽر شبلي فراز چيو ته آهي ته شموليت جي ڪلچر کي فروغ ڏئيڻ سان اسان کي پنهنجي معاشي، سماجي ۽ وڌندڙ چئلينجن کي گهٽ ڪرڻ ۾ ڪاميابي حاصل ٿي آهي، ڳالهين ۽ ڀائيچاري جي فروغ سان معاشري کي بهتر ڪري سگهجي ٿو، اسان کي پرامن ڳالهين جي ذريعي مشڪلاتن جو حل ڪڍڻ سيکاريو ويو آهي، شاگرد مستقبل جا معمار آهن ۽ انهن جو مستقبل روشن آهي، پيغام پاڪستان نه رڳو حب الوطني کي فروغ ڏيندو پر پاڪستان ۾ مشڪل معاملن ۽ تڪرارن کي پرامن طريقي سان حل ڪرڻ ۾ مدد ملندي. هو بين الاقوامي اسلامي يونيورسٽي ۾ ٻن ڏينهن واري بين الاقوامي ڪانفرنس کي خطاب ڪري رهيو هو.

مضمون کا ماخذ : سانتا کی جنگلی سواری۔