اسلام آباد – 05 آڪٽوبر (اي پي پي) و??ير??عظم عمران خان وفاقي گادي واري شهر ۾ ماڊل پناهگاهن جي قيام ۽ انهن ۾ فراهم ڪيل معياري سهولتن تي اطمينان جو اظهار ڪندي چيو آهي ته بي سهارا ۽ ڪمزور ماڻهن جي ضرورتن کي پ??رو ڪرڻ رياست جي ذميداري آهي، و??ير??عظم هدايت ڪئي ته پناهگاهن ۾ فراهم ڪيل سهولتن جي م??يار تي ڪنهن به قسم جو ٺاهه نه ڪيو وڃي ۽ پناهگاهن ۾ رهندڙ مزدورن، بي سهارا ماڻهن جي خدمت کي يقيني بڻايو وڃي، معياري پناهگاهن جي قيام ۽ انهن جي نيٽ ورڪ کي سگهه ڏيڻ جي حوالي سان حڪومت طرفان سمورا ممڪن وسيلا فراهم ڪرڻ سان گڏوگڏ سرندي وارن ماڻهن جي به حوصلا افزائي ڪئي ويندي، پاڪستاني قوم ۾ خدمت خلق جو بي پناهه جذبو موجود آهي ۽ حڪومت طرفان اهڙن ڪوششن جي آجيان ڪئي ويندي. اهڙن خيالن جو اظهار هن وفاقي گادي واري شهر ۾ قائم پنج پناهگاهن جي اپ گريڊيشن ۽ ملڪ جي ٻ??ن حصن ۾ بهترين سهولتن سان آراسته پناهگاهن جي تفصيلي نيٽ ورڪ جي قيام جي حوالي سان اجلاس جي صدارت ڪندي ڪيو.