نواز شريف جو ٻاهرئين ملڪ وڃڻ بيماري نه فراڊ تي ٻڌل هو، نواز شريف جي ٻاهرئين ملڪ سرگرمين مان خبر پوي ٿي ته هو رياست پاڪستان ۽ ان جي قانون جو مذاق اڏائي رهيو آهي: چوڌري فواد حسين

image
APP63-110122 ISLAMABAD: January 11 - Federal Minister for Information and Broadcasting Chaudhary Fawad Hussain, briefing the media persons about the decisions taken in the Federal Cabinet. APP

اسلام آباد – 11 جنوري (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وير چوڌري فواد حسين چيو آهي ته نواز شريف جو ٻاهرئين ملڪ وڃڻ بيماري نه فراڊ تي ٻڌل هو، نواز شريف جي ٻاهرئين ملڪ سرگرمين مان خبر پوي ٿي ته هو رياست پاڪستان ۽ ان جي قانون جو مذاق اڏائي رهيو آهي، نواز شريف کي ٻاهرئين ملڪ موڪلڻ جي فراڊ ۾ شهباز شريف مڪمل طور تي ملوث آهي، شهباز شريف عدالت ۾ جعلي بيان حلفي جمع ڪرايو جيڪو آرٽيڪل 63 جي خلاف ورزي آهي، وفاقي ڪابينا شهباز شريف جي خلاف هاءِ ڪورٽ سان رجوع ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي، مريءَ سانحي جي جاچ جي لاءِ اعليٰ سطحي انڪوائري ڪميٽي جوڙي ڇڏي آهي، 5 ڏينهن ۾ هڪ لک 64 هزار گاڏيون مريءَ ۾ داخل ٿيون، رڳو 5 گاڏين ۾ 22 ماڻهو فوت ٿي ويا، فوتگين جا واقعا ڪلڊنه ۽ باڙيان جي وچ ۾ ٿيا، ڪجهه ماڻهو گاڏين مان لهي وڃڻ بدران گاڏين ۾ هيٽر لڳائي سمهي رهيا، گاڏين ۾ ڪاربن مونو آڪسائيڊ ڀرجڻ جي ڪري فوتگيون ٿيون، وزيراعظم مريءَ سانحي تي سخت ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪيو آهي. وفاقي ڪابينا ٻاهرئين ملڪ پاڪستانين جي لاءِ روشن ڊيجيٽل اڪائونٽس پروگرام ذريعي 400 ڪينال زمين تي ٻڌل رهائشي منصوبو شروع ڪرڻ جي منظوري ڏني، ان منصوبي سان 2 ارب ڊالر جي سيڙپڪاري متوقع آهي، ڪابينا مالي سال 21 – 2022ع جي چوٿين ٽه ماهي جي بجلي جي اگهن جي ايڊجسٽمينٽ ڪرڻ جي پڻ منظوري ڏني، اها ايڊجسٽمينٽ ٽن قسطن ۾ صارفين کي ادا ڪئي ويندي، ان سان بجلي صارفين کي ريليف ملندو. ڪابينا اجلاس ۾ سمبڙيال کاريان موٽروي منصوبي جي منظوري ڏني وئي. وزيراعظم راولپنڊي – کاريان موٽروي منصوبي تي جلد عملدرآمد جي هدايت ڪئي آهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن وفاقي ڪابينا جي اجلاس کانپوءِ صحافين کي بريفنگ ڏيندي ڪيو. اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته وفاقي ڪابينا کي مريءَ سانحي تي تفصيلي بريفنگ ڏني وئي، مريءَ سانحي ۾ فوت ٿيندڙن جي ايصال ثواب لاءِ فاتحه خواني ڪئي وئي. هن چيو ته ڏک جي هن گهڙيءَ ۾ فوت ٿيندڙن جي پونئيرن سان گڏ بيٺل آهيون. چوڌري فواد حسين ٻڌايو ته وفاقي ڪابينا کي آگاهه ڪيو ويو ته 5 ڏينهن ۾ هڪ لک 64 هزار گاڏيون مريءَ ۾ داخل ٿيون، رڳو 5 گاڏين ۾ 22 ماڻهو فوت ٿيا، فوتگين جا واقعا ڪلڊنه ۽ باڙيان جي وچ ۾ ٿيا، برفباري جي طوفان جي ڪري وڻ رستن ڪري پيا، رستا بند ٿيڻ جي ڪري گاڏين جون ڊگهيون قطارون لڳي ويون، ڪيترائي ماڻهو پنهنجون گاڏين رستن تي ڇڏي پيادل هليا ويا. هن چيو ته سخت برفباري جي ڪري مشينري ۽ هيليڪاپٽرز جو پهچڻ مشڪل هو، ڪجهه ماڻهو گاڏين مان لهڻ بدران گاڏين ۾ هيٽر لڳائي سمهي رهيا. شروعاتي جاچ مان معلوم ٿيو ته گاڏين ۾ هيٽر لڳائڻ جي ڪري ڪاربن مونو آڪسائيڊ وڌي وئي ۽ فوتگيون ٿيون. هن چيو ته وزيراعظم مريءَ سانحي تي سخت ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪيو آهي. اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته پاڪستان ۾ اندروني سياحت ۾ انقلاب آيو آهي، صوبائي حڪومتن، اٿارٽيز ۽ مقامي انتظاميا کي سياحت جي لاءِ تيار ڪرڻ جي ضرورت آهي، مريءَ ۾ ڏيڍ لک گاڏين ۾ لکين ماڻهو سياحت جي لاءِ ويا، اسان جو انتظام برطانوي دور کان هلندو پيو اچي، ماضي ۾ ان ۾ ڪا تبديلي نه ٿي. هن چيو ته پاڪستان تحريڪ انصاف جي حڪومت سياحت کي بطور شعبو فروغ ڏيڻ جي ڪوشش ڪئي. حڪومت 13 نوان سياحتي اسپاٽس تيار ڪيا، آزادي کانپوءِ هڪ به سياحتي اسپاٽ تيار نه ٿيو هو. هن چيو ته عمران خان وزيراعظم بڻجڻ کان اڳ جڏهن ڪمراٽ ويو ۽ اتان جون تصويرون وائرل ٿيون ته ڪمراٽ ۾ وڏي انگ ۾ ماڻهو سياحت جي لاءِ پهچي ويا هئا. هن چيو ته پاڪستان ۾ سياحت جي شعبي ۾ تمام گهڻي صلاحيت موجود آهي. پاڪستان کي معاشي طور تي مضبوط بڻائڻ جي لاءِ سياحت کي انڊسٽري جو درجو ڏيڻو پوندو. اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته مريءَ ۾ انتظامن کي بهتر بڻائڻ جي لاءِ معاملن تي نظرثاني ڪئي پئي وڃي، نوان قانون ٺاهيا ويندا، مريءَ واقعي جي جاچ جي لاءِ اعليٰ انڪوائري ڪميٽي ٺاهي وئي آهي. هن چيو ته پاڪ فوج ۽ سول ادارن ڀرپور طريقي سان ريسڪيو معاملا انجام ڏنا، 24 ڪلاڪن جي اندر لکين ماڻهن جو انخلا ممڪن بڻايو. چوڌري فواد حسين چيو ته ناران ڪاغان سميت ٻين اترين علائقن ۾ به سياحت تي دٻاءُ آهي، ڪيترائي ماڻهو انهن علائقن ۾ موجود آهن، خيبرپختونخواهه ۽ پنجاب جون حڪومتون سياحتي جاين جي سختي سان نگراني ڪري رهيون آهن، ٽوئرازم اٿارٽيز کي به تيار رهڻ جي ضرورت آهي. هن چيو ته سياحتي جاين جي حوالي سان اٿارٽيز کي مخصوص وارننگز جو سلسلو شروع ڪرڻ گهرجي ۽ ميڊيا کي به گهرجي ته اها اهڙين وارننگز کي عوام تائين پهچائڻ ۾ پنهنجو ڪردار ادا ڪري ته جيئن ماڻهن کي موسمي حالتن ۽ ماڻهن جي گنجائش بابت معلومات ملي سگهي. هن ٻڌايو ته ڪابينا سياحت واري خاص معاون اعظم جميل کي پي ٽي ڊي سي بورڊ آف ڊائريڪٽرز ۽ نيشنل ٽوئرازم ڪوآرڊينيشن بورڊ جو چيئرمين مقرر ڪرڻ جي منظوري ڏني آهي. اطلاعات واري وفاقي وزير ٻڌايو ته وفاقي ڪابينا شهباز شريف جي خلاف هاءِ ڪورٽ سان رجوع ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي، نواز شريف فراڊ جي ذريعي ٻاهرئين ملڪ ويو، سندس سرگرمين مان معلوم ٿئي ٿو ته هو رياست پاڪستان ۽ ان جي قانون جو مذاق اڏائي رهيو آهي. هن چيو ته شهباز شريف عدالت ۾ شختي بيان جمع رڪايو جنهن جي بنياد تي نواز شريف ٻاهرئين ملڪ ويو. هن چيو ته 17 مهينا گذري ويا پر نواز شريف علاج نه ڪرايو، ان مان ثابت ٿئي ٿو ته نواز شريف جو ٻاهرئين ملڪ وڃڻ بيماري نه فراڊ تي ٻڌل هو. چوڌري فواد حسين چيو ته پنجاب حڪومت کي نواز شريف جون جيڪي طبي رپورٽون مليون آهن، اهي اڳوڻين رپورٽن سان هڪ جهڙائي نه ٿيون رکن، پنجاب حڪومت انهن رپورٽن کي رد ڪري ڇڏيو آهي. هن چيو ته نواز شريف جي صحت جو ڊرامو رچايو ويو، هاءِ ڪورٽ جي حڪم تي برطانيا ۾ پاڪستاني سفارتخاني به ڀيرا شريف فيملي سان رابطو ڪيو، هاءِ ڪورٽ جي حڪمن موجب نواز شريف جون طبي رپورٽون پاڪستاني سفارتخاني جي ڊاڪٽرن سان شيئر ڪرڻ ضروري هيون، پاڪستاني سفارتخاني پاران رابطو ڪرڻ جي باوجود شريف يملي رپورٽون ڏيڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو. هن چيو ته نواز شريف کي ٻاهرئين ملڪ موڪلڻ جي فراڊ ۾ شهباز شريف مڪمل طور تي ملوث آهي. اٽارني جنرل کي هدايت ڪئي وئي آهي ته هو شهباز شريف جي خلاف لاهور هاءِ ڪورٽ سان رجوع ڪري، شهباز شريف يا ته نواز شريف کي پاڪستان واپس آڻي بي صورت ۾ شهباز شريف کي نااهل ڪرڻ گهرجي، هن جعلي بيان حلفي داخل ڪيو جيڪو آرٽيڪل 63 جي خلاف ورزي آهي. اطلاعات واري وفاقي وزير ٻڌايو ته وفاقي ڪابينا کي وفاقي وزير اسد عمر ۽ خاص معاون ڊاڪٽر فيصل سلطان ڪورونا جي صورتحال تي بريفنگ ڏني. هن ٻڌايو ته پاڪستان م ڪوويڊ جي شرح ۾ اضافو ٿيو آهي. هن چيو ته پاڪستان ۾ ويڪسي نيشن جا سمورا هدف پورا ٿيا آهن، اسان 2 ارب ڊالر جي ويڪسين نيشن عوام کي مفت لڳرائي. هن چيو ته پاڪستان ڪورونا وبا جو ڪامياب حڪمت عملي سان مقابلو ڪيو، انهن سمورين ڪاميابين کي نظر ۾ رکندي فيصلو ڪيو ويو آهي ته لاڪ ڊائون لڳائڻ جي ضرورت نه آهي، صورتحال جو جائزو ورتو ويندو رهبو. هن چيو ته ڪابينا ماسڪ پائڻ، سماجي فاصلو برقرار رکڻ ۽ ويڪسين نيشن جلد کان جلد مڪمل ڪرائڻ جي ضرورت تي زور ڏنو آهي. اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته وفاقي ڪابينا کي اليڪٽرانڪ ووٽنگ مشينز تي بريفنگ ڏني وئي. اليڪشن ڪميشن راءِ ڏني آهي ته 15 اپريل تي اسلام آباد ۾ بلدياتي چونڊون ڪرايون وڃن، ان کان اڳ اليڪشن ڪميشن آف پاڪستان کي اليڪٽرانڪ ووٽنگ مشينز فراهم ڪيون وينديون. اطلاعات واري وفاقي وزير ٻڌايو ته ڪابينا واپار واري وزارت جي سفارش تي انٽيليڪچوئل پراپرٽي آرگنائيزيشن جي چيئرمين ۽ ميمبرز مقرر ڪرڻ جي منظوري ڏني اهي. آصف رشيد کي بطور چيئرمين مقرر ڪرڻ جي منظوري ڏني وئي جڏهن ته پنجاب مان ٻه ميمبر ۽ باقي صوبن مان هڪ هڪ ميمبر مقرر ڪرڻ جي منظوري ڏني وئي. هن ٻڌايو ته ڪابينا پرڏيهي وزارت جي سفارش تي سعودي حڪومت پاران پاڪ فضائيه جي 100 اهلڪارن کي ڏنل ”نوت التمرس ميڊلز“ جي ايڪس پوسٽ فيڪٽو منظوري ڏني اهي. هن وڌيڪ ٻڌايو ته ڪابينا ناڻي واري وزارت جي سفارش تي سيڪيورٽيز اينڊ ايڪسچينج ڪميشن آف پاڪستان کي اسلام باد ڪيپيٽل ٽيريٽري ٽرسٽ ايڪٽ 2020ع تحت ڪريڊٽ گارنٽي ٽرسٽ فنڊ جو ريگيوليٽر بڻائڻ جي منظوري ڏني وئي. اها منظوري غيرقانوني سرمائي کي ٻاهرئين ملڪ منتقل ڪرڻ کي روڪڻ جي لاءِ ڏني وئي آهي. هن چيو ته ڪابينا ٻاهرئين ملڪ پاڪستانين جي لاءِ روشن ڊيجيتل اڪائونٽس پروگرام جي ذريعي سي ڊي اي جي پارڪ روڊ، زون 4 اسلام آباد ۾ رهائشي منصوو شروع ڪرڻ جي منظوري ڏني. اهو منصوو 400 ڪينال تي ٻڌل هوندو جنهن ۾ 6 هزار گهر ٺاهيا ويندا. ان منصوبي ۾ 2 ارب ڊالر جي سيڙپڪاري جي اميد آهي. ان منصوبي سان ٻاهرئين ملڪ رهندڙ پاڪستانين کي پاڪستان ۾ سيڙپڪاري جو موقعو ملندو. ملڪ کي قيمتي پرڏيهي ناڻو حاصل ٿيندو ۽ معيشت مستحڪم ٿيندي. اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته ڪابينا ڪيپيٽل ڊيولپمينٽ اٿارٽي (سي ڊي اي) جي مالي سال 22 – 2021ع جي بجيٽ ڪاٿن جي منظوري ڏني ۽ مالي سال 21 – 2020ع جي نظرثاني ٿيل بجيٽ ڪاٿن جي پڻ منظوري ڏني. هن ٻڌايو ته سي ڊي اي چيئرمين ڪابينا کي آگاهه ڪيو ته سال 18 – 2017ع ۾ سي ڊي اي 53817 مربع گز زمين وڪرو ڪئي جنهن مان 12.9 ارب رپيا وصول ٿيا جڏهن ته سال 2021ع ۾ 46783 مربع گز زمين وڪرو ڪئي وئي جنهن مان 31.1 ارب رپيا حاصل ٿيا. ان مان اندازو لڳائي سگهجي ٿو ته موجوده حڪومت جي بهتر حڪمت عملي جي ڪري گهٽ زمين سان به وڌيڪ اوڳاڙي حاصل ڪري سگهجي ٿي. هن ٻڌايو ت ڪابينا صنعت ۽ پيداوار واري وزارت جي سفارش تي چيف ايگزيڪيوٽو آفيسر انجينئرنگ ڊيولپمينٽ بورڊ رضا عباس شاهه جي ڪانٽريڪٽ ۾ ٻن سالن جي واڌ ڪرڻ جي منظوري ملتوي ڪري ڇڏي آهي. اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته ڪابينا توانائي واري وزارت جي سفارش تي مالي سال 21 – 2020ع جي چوٿين ڪوارٽر جي بجلي اگهن جي ايڊجسٽمينٽ ڪرڻ جي منظوري ڏني. ان منظوري سان بجلي جي اگهن جي ايڊجسٽمينٽ ٽن قسطن ۾ صارفين کي ادا ڪئي ويندي. ان فيصلي سان گهريلو صارفين کي بجلي جي قيمتن ۾ مناسب ريليف ملندو. هن ٻڌايو ته ڪابينا ايف بي آر جي سفارش تي اڳوڻي ڳوفاقي ۽ صوبائي قبائلي علائقن ۾ نان ڪسٽم گاڏين جي ريگيولرائيزيشن جي منظوري ملتوي ڪري ڇڏي آهي. هن وڌيڪ ٻڌايو ته ڪابينا بين المذاهب هم آهنگي پاليسي جي منظوري ملتوي ڪري ڇڏي آهي. ان پاليسي تحت ملڪ ۾ بين المذاهب هم آهنگي پيدا ڪرڻ جي لاءِ ٺوس حڪمت عملي، اقليتن جي حقن جي تحفظ ۽ مذهبي آزادي، تشدد جي روڪٿام ۽ مذهبي رواداري کي فروغ ڏنو ويندو. چوڌري فواد حسين ٻڌايو ته ڪابينا قومي اقليتي ڪميشن ۾ مسيحي برادري سان تعلق رکندڙ ڊاڪٽر لياقت مسيح قيصر جي بطور ميمبر مقرري جي منظوري ڏني آهي. هن چيو ته ڪابينا سائنس، ٽيڪنالاجي ۽ انوويشن پاليسي 2021ع جي منظوري ڏني آهي. پاليسي تحت ملڪ ۾ ناليج هيڊ اڪانومي تحت ٽيڪنالاجي جي شعبي ۾ جدت سان گڏوگڏ معاشي ترقي ۽ روزگار جي فراهمي تي خاص ڌيان ڏنو ويندو. پاليسي جو مقصد عام ماڻهو جي زندگي کي سائنس ۽ ٽيڪنالاجي جي ڪري آسان بڻائڻ، ملڪ ۾ روزگار جا موقعا پيدا ڪرڻ، مقامي سطح تي ٽيلينٽ کي فروغ ڏيڻ، معياري تحقيق کي فروغ ڏيڻ ۽ فيصلاسازي جي لاءِ سائنس ۽ ٽيڪنالاجي جو استعمال شامل آهي. اطلاعات واري وفاقي وزير ٻڌايو ته ڪابينا فيڊرل گورنمينٽ اينالسٽ (نارڪوٽڪس) جي مقرري جي منظوري ملتوي ڪري ڇڏي آهي. هن وڌيڪ ٻڌايو ته ڪابينا اداراجاتي سڌارن بابت ڪميٽي جي 22 ڊسمبر 2021ع جي اجلاس ۾ ٿيندڙ فيصلن جي توٿيق ڪئي. ان کانسواءِ ڪابينا نجڪاري بابت ڪميٽي جي 31 ڊسمبر 2021ع تي ٿيندڙ اجلاس ۾ ڪيل فيصلن ۽ اقتصادي رابطا ڪميٽي جي 31 ڊسمبر 2021ع ۽ 5 جنوري 202ع تي ٿيندڙ اجلاسن ۾ ڪيل فيصلن جي پڻ توٿيق ڪئي. ان ۾ سمبڙيال کاريان موٽروي پراجيڪٽ جي منظوري ڏني وئي آهي. وزيراعظم کاريان کان راولپنڊي موٽروي تي جلد ڪم شروع ڪرڻ جي هدايت ڪئي آهي. هن ٻڌايو ته چين کان 50 هزار ميٽرڪ ڀاڻ درآمد ڪرڻ جي منظوري ڏني وئي آهي. ان کانسواءِ آءِ پي پيز کي 50 ارب رپيا ادا ڪيا ويا آهن، پاور سيڪٽر جي ليڪويڊيٽي ضرورتن جي لاءِ 100 ارب رپيا جاري ڪيا ويندا، آءِ پي پيز سان تڪرار حل ٿي ويو آهي. هڪ سوال تي هن چيو ته (ن) ليگ جي اندر جيڪا صورتحال هلي رهي آهي ائين لڳي رهيو آهي ته 0ن) ليگ جا ايم اين ايز پارٽي کان جدا ٿي ويندا. هڪ ٻئي سوال جي جواب ۾ هن چيو ته مريءَ واقعي ۾ 22 ماڻهن جي فوتگين جي تصديق ٽي ايڇ ڪيو اسپتال ڊيٿ سرٽيفڪيٽ جاري ڪري ڪئي آهي.

مضمون کا ماخذ : اسکریچ کارڈ کی پیش گوئی