اسلام آباد – 23 – مارچ (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي پاڪستان ڏهاڙي جي موقعي تي سڄي قوم کي ??بارڪباد ڏيندي چيو آهي ته 1940ع ۾ اڄ جي ڏينهن ننڍي کنڊ جي مسلمانن قرارداد پاڪستان منظور ڪئي ۽ هڪ جدا وطن جو مطالبو ڪيو، جتي اهي اسلامي نظرين موجب آزادي سان پنهنجي زندگي گذاري سگهن. صدر ڊاڪٽر عارف علوي پاڪستان ڏهاڙي 23 مارچ 2023ع جي موقعي تي قوم جي نالي پنهنجي پيغام ۾ چيو ته اڄ اسان باني پاڪستان جن جي جدوجهد ۽ قرباني جي ڪري پاڪستان وجود ۾ آيو، کي خراج عقيدت پيش ڪريون ٿا. هن چيو ته ڀارت ۾ اقليتن خاص طور تي مسلمانن تي ظلم ۽ ڏاڍ، هندوتوا واري وڌندڙ لهر ۽ مسلمانن جي خلاف تشدد، ا??سا??ي حقن جي خلاف ورزين ۽ غيرقانوني طور تي ڀارت جي قبضي هيٺ ڄمون ۽ ڪشمير ۾ ڀارتي سيڪيورٽي فورسز پاران جاري ظلم ان ڳالهه جو ثبوت آهي ته ان وقت جي مسلمان قيادت هڪ دانشمنداڻو فيصلو ڪيو هو. ڊاڪٽر عارف علوي چيو ته هي ڏينهن هڪ قوم جي حيثيت سان اسان کي ??نهنجي ڪاميابين ۽ ناڪامين جو جائزو وٺڻ جي به ياد ڏياري ٿو. آزادي جي وقت اسان مهاجرن جي آبادڪاري ۽ بحالي، نئين وجود ۾ رياست جي آئيني ۽ انتظامي مسئلن، سلامتي جي خطرن، نئين رياست کي ??ضبوط سماجي، اقتصادي ۽ صنعتي بنيادن تي قائم ڪرڻ ۽ ڄمون ۽ ڪشمير جي تڪرار جهڙا ڪيترائي چئلينجز ??رپيش هئا، انهن چئلينجز ??ي باوجود اسان پنهنجي مسلسل محنت ۽ قابليت سان هر شعبي ۾ شاندار ڪاميابيون حاصل ڪيون. هن چيو ته اسان رياستي ادارا قائم ڪيا، پنهنجي دفاع کي ??تح نه ٿيڻ جوڳو بڻايو، ائٽمي صلاحيت حاصل ڪئي، دهشتگردي ۽ ڪورونا وائرس جي وبا تي ضابطو آندو ۽ قدرتي آفتن دوران قرباني ۽ تعاون جي جذب?? جو مظاهرو ڪيو. صدر چيو ته اسان کي ??انون جي حڪمراني يقيني بڻائڻ، جمهوريت کي ??ضبوط بڻائڻ، پنهنجي معاشري ۾ اڻبرابري کي گهٽ ڪرڻ، عورتن کي بااختيار بڻائڻ، خصوصي ماڻهن جي حقن جي فراهمي، دهشتگردي ۽ انتهاپسندي جي خاتمي، پنهنجي شهرين جي ا??سا??ي حقن جو تحفظ ڪرڻ ۽ ملڪ ۾ سياسي ۽ معاشي استحڪام کي ??قيني بڻائڻ جي لاءِ به اڃا وڌيڪ ڪم ڪرڻو آهي. هن چيو ته ماضي ۾ اسان جي ڪاميابين کي ??ظر ۾ رکندي منهنجو پڪو يقين آهي ته اسان پاڪستان کي درپيش چئلينجز ??ي ضابطو آڻڻ جي مڪمل صلاحيت رکون ٿا. صدر چيو ته جيڪڏهن اسان اتحاد، ايمان ۽ نظم ۽ ضبط سان ڪم ڪندا رهنداسين ته اسان پاڪستان کي ??ڪ مضبوط ۽ خوشحال ملڪ بڻائي سگهون ٿا. الله تعاليٰ اسان سڀن?? جو حامي ۽ ناصر هجي.