وزيراعظم عمران خان 21 کان 27 سيپٽمبر تائين آمريڪا جو دورو ڪندو

image

اسلام آباد – 20 سيپٽمبر (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان 21 کان 27 سيپٽمبر تائين آمريڪا جو دورو ڪندو. وزيراعظم 27 سيپٽمبر تي گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي کي خطاب ۾ ڪشمير تي موقف ڏيندو ۽ والاريل ڪشمير ۾ انساني حقن جي سنگين خلاف ورزين کان آگاهه ڪندو. پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي به جنرل اسيمبلي جي اجلاس ۾ شريڪ ٿيندو. پرڏيهي آفيس وزيراعظم عمران خان جي آمريڪا جي دوري جو شيڊول جاري ڪندي چيو آهي ته وزيراعظم عمران خان 21 کان 27 سيپٽمبر تائين آمريڪا جي دوري دوران پاڪستان جي اعليٰ سطح جي وفد جي سربراهي جڏهن ته 27 سيپٽمبر تي جنرل اسيمبلي کي خطاب ڪندو.

مضمون کا ماخذ : loteria آن لائن confiável