پاڪستان ۾ ڇاتي جي ڪينسر سبب متاثر عورتن جي شرح ايشيا جي ٻين ملڪن کان وڌيڪ آهي: بيگم ثمينه عارف علوي

image
APP22-28 ISLAMABAD: November 28 - First Lady Mrs. Samina Alvi addressing the seminar on Breast Cancer Awareness organized by Islamabad Women Chamber of Commerce & Industry. APP

اسلام آباد – 28 نومبر (اي پي پي) خاتون اول بيگم ثمينه عارف علوي چيو آهي ته پاڪستان ۾ ڇاتي جي ڪينسر سبب متاثر عورتن جي شرح ايشيا جي ٻين ملڪن کان وڌيڪ آهي جنهن جو مقابلو ڪرڻ لاءِ حڪومت ۽ نجي شعبي کي گڏجي ڪوششون ڪرڻيون پونديون، ڇاتي جي ڪينسر سبب قيمتي جانيون ضايع ٿي رهيون آهن جنهن جي روڪٿام اسان سڀني جي ذميداري آهي، اها ڳالهه بيگم ثمينه عارف علوي اسلام آباد ويمن چيمبر جي اهتمام هيٺ ڇاتي جي ڪينسر جي باري ۾ آگاهي سيمينار کي خطاب ڪندي چئي، هن چيو ته حڪومت ان مرض جي جلد سڃاڻپ لاءِ ڪوشان آهي ته جيئن عورتن جي جان بچائي سگهجي ڇو ته بروقت مرض جو علم هجڻ سان مريض جي بچڻ جا امڪان 80 سيڪڙو تائين هوندا آهن، هن چيو ته ملڪ ۾ ساليانو 90 هزار جي لڳ ڀڳ ڪيس رپورٽ ٿي رهيا آهن جڏهن ته 40 کان 45 هزار موت ٿيندا آهن جنهن ۾ اڪثريت کي بچائي سگهجي ٿو جنهن لاءِ اسان سڀني کي گڏجي پنهنجي ذميداري ادا ڪرڻي پوندي.

مضمون کا ماخذ : loteria de Minas Gerais