عمران خان 1996ع ۾ پاڪستان تحريڪ انصاف جو بنياد رکيو، ان جو محور ساڄي ۽ کاٻي بدران درست ۽ غلط بڻايو، پاڪستان جي عوام جي سامهون ٻه سالا ڪارڪردگي رپورٽ پيش ڪري رهيا آهيون: شبلي فراز

image
APP18-18 ISLAMABAD: August 18 - Senator Shibli Faraz, Federal Minister for Information and Broadcasting alongwith Federal Minister for Foreign Affairs, Makhdoom Shah Mahmood Qureshi, Federal Minister for Planning and Development, Asad Umar, Adviser to the Prime Minister on Finance and Revenue, Dr. Abdul Hafeez Shaikh, Federal Minister for Industries and Production, Muhammad Hammad Azhar and SAPM Dr. Sania Nishtar briefing the media persons regarding the 2 years performance of the Government. APP

اسلام آباد – 18 آگسٽ (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير سينيٽر شبلي فراز چيو آهي ته پاڪستان جي عوام جي سامهون ٻه سالا ڪارڪردگي رپورٽ پيش ڪري رهيا آهيون جيڪو جمهوري حڪومت جو طرز عمل هوندو آهي، وزيراعظم عمران خان 1996ع ۾ پاڪستان تحريڪ انصاف جو بنياد رکيو، ان جو محور ساڄي ۽ کاٻي بدران درست ۽ غلط بڻايو، هڪ طرف ذاتي مفاد ۽ ٻي طرف ملڪ ۽ قوم جي ترقي، خوشحالي جي بينادي مقصدن کي حاصل ڪرڻ آهي جنهن کي اسان پنهنجي ترجيحي بڻايو آهي ۽ انهي بياني کي اڳتي وٺي وڌي رهيا آهيون، مديني جي رياست جا ٽي بنيادي ٿنڀ رحم، انصاف ۽ احساس اسان جي دفاعي، معاشي ۽ ثقافتي سرگرمين جو احاطو ڪن ٿا. پاڪستان جي عوام ذاتي مفاد جي بياني کي رد ڪري ڇڏيو آهي، اسان جو مقصد ذاتي ڪاميابين جي تشهير نه پر اندروني ۽ ٻاهرين محاذن تي دشمن جي ارادن جي خلاف وڙهڻ آهي، دشمن سدائين اسان جي معيشت کي نقصان پهچائي نااميدي ۽ افراتفري پکيڙڻ چاهي ٿو ۽ اطلاعات واري وزارت ان جنگ جو ڀرپور مقابلو ڪندي، حڪومت جي ڀرپور جدوجهد جي نتيجي ۾ ڏکيو وقت گذري چڪو، سٺو وقت شروع ٿي ويو آهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن پاڪستان تحريڪ انصاف جي موجوده حڪومت جا ٻه سال مڪمل ٿيڻ جي موقعي تي پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي، منصوبابندي ۽ ترقي واري وفاقي وزير اسد عمر، صنعت ۽ پيداوار واري وفاقي وزير حماد اظهر، ناڻي واري صلاحڪار ڊاڪٽر عبدالحفيظ شيخ، وزيراعظم جي خاص مددگار ڊاڪٽر ثانيه نشتر سان گڏ پي آءِ ڊي ۾ پريس ڪانفرنس کي خطاب ڪندي ڪيو.

مضمون کا ماخذ : آن لائن اور ایپلیکیشنز