اسد قيصر سان افغانستان جي واپار ۽ صنعت واري وزير ناصر احمد غورياني جي ملاقات

image
APP01-301220 ISLAMABAD: December 30 – Speaker National Assembly Asad Qaiser in a meeting with Afghan Commerce & Industry Minister Nisar Ahmad Faizi Ghoryani at Parliament House. APP

اسلام آباد – 30 – ڊسمبر (اي پي پي) قومي اسيمبلي جي اسپيڪر اسد قيصر سان افغانستان جي واپار ۽ صنعت واري وزير ناصر احمد غورياني ملاقات ڪئي. جنهن ۾ ٻطرفي واپار جي فروغ سميت گڏيل دلچسپي جي ٻين اهم معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. اسپيڪر ان موقعي تي ڳالهائيندي چيو ته پاڪستان افغانستان سان پنهنجي پراڻي ڀائراڻن ۽ دوستاڻن لاڳاپن کي وڏي قدر جي نگاهه سان ڏسي ٿو، موجوده پارليامينٽ افغانستان سان ٻطرفي تعاون ۽ واپاري ڪاٿي ۾ اضافي جي لاءِ ترجيحي بنيادن تي قدم کڻي رهي آهي، سي پيڪ منصوبو خطي جي ترقي ۽ خوشحالي جو منصوبو آهي ۽ افغانستان ان منصوبي جي ڪري خطي جي ٻين ملڪن سان واپار جو گيٽ وي ثابت ٿيندو.

مضمون کا ماخذ : کمپیوٹر لاٹری