کاڌي پيتي جي شين ۾ ملاوٽ ڪندڙن ۽ ذخيره اندوزن خلاف ڪارروائي ڪئي وڃي: وزيراعظم

image
APP70-301220 ISLAMABAD: December 30 - Prime Minister Imran Khan chairing a meeting on essential commodities. APP

اسلام آباد – 30 – ڊسمبر (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان کاڌي پيتي جي شين ۾ ملاوٽ ڪندڙ عنصرن ۽ ذخيره اندوزن جي خلاف سخت ڪارروائي جي هدايت ڪندي چيو آهي ته ڪنهن کي به ماڻهن جي صحت سان کيڏڻ جي اجازت نه ڏني ويندي، کاڌي پيتي جي شين جي قيمتن ۾ استحڪام حڪومت جي اولين ترجيح آهي، کنڊ جي صنعت ۾ ٽيڪس چوري ۾ ملوث شگر ملز جي نشاندهي ۽ انهن جي خلاف قانوني ڪارروائي ڪئي وڃي، گذريل ٻن مهينن ۾ شين جي قيمتن ۾ گهٽتائي جو رجحان ڏسڻ ۾ آيو آهي، ان جي تسلسل کي قائم رکڻ جي لاءِ قدمن کي يقيني بڻايو وڃي. اهڙن خيالن جو اظهار هن روزاني جي استعمال جي شين جي قيمتن جي صورتحال جو جائزو وٺڻ بابت اجلاس جي صدارت ڪندي ڪيو.

مضمون کا ماخذ : پاور بال جیک پاٹ