پاڪستان جي انگيج آفريقا پاليسي جو مقصد آفريقي ملڪن سان سفارتي لاڳاپن کي فروغ ڏيڻ آهي: وزيراعظم

image
APP73-301220 ISLAMABAD: December 30 - President National Assembly of Republic of Djibouti, Mohamed Ali Houmed accompanied by a parliamentary delegation called on Prime Minister Imran Khan. Chairman Senate Sadiq Sanjrani also present. APP

اسلام آباد – 30 – ڊسمبر (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته پاڪستان جي انگيج آفريقا پاليسي جو مقصد آفريقي ملڪن سان سفارتي لاڳاپن ۽ اقتصادي رابطن کي فروغ ڏيڻ آهي، پاڪستان جلد ئي جبوتي ۾ پنهنجو ريزيڊنٽ سفارتي مشن قائم ڪندو. اهڙن خيالن جو اظهار هن جمهوريه جبوتي جي قومي اسيمبلي جي صدر محمد علي حامد سان ڳالهائيندي ڪيو جنهن پارلياماني وفد سان گڏ ساڻس ملاقات ڪئي. ان موقعي تي سينيٽ چيئرمين محمد صادق سنجراڻي پڻ موجود هو. وزيراعظم جبوتي جي وفد جي گرمجوشي سان آجيان ڪئي ۽ چيو ته ٻنهي ملڪن جا لاڳاپا گڏيل مذهب ۽ قدرن تي ٻڌل آهن ۽ ٻنهي ڀائر ملڪن جي وچ ۾ علائقائي ۽ عالمي معاملن تي خيالن ۾ مڪمل هم آهنگي آهي.

مضمون کا ماخذ : پاور بال کے اعدادوشمار