آڊيٽر جنرل اداري جي اندر موجود خرابين کي ختم ڪرڻ لاءِ هڪ مهيني ۾ روڊ ميپ تيار ڪري: صدر

image
APP53-220121 ISLAMABAD: January 22 – Auditor General of Pakistan, Mr. Javaid Jehangir calls on President Dr Arif Alvi, at Aiwan-e-Sadr. APP

اسلام آباد – 22 – جنوري (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي آڊيٽر جنرل آف پاڪستان کي هدايت ڪئي آهي ته آڊٽ آٽوميشن جي عمل کي تيزي سان مڪمل ڪري ته جئين اداري ۾ شفافيت کي يقيني بڻائي سگهجي، آڊيٽر جنرل اداري جي اندر موجود خرابين کي ختم ڪرڻ لاءِ هڪ مهيني ۾ روڊ ميپ تيار ڪري. اهڙن خيالن جو اظهار هن آڊيٽر جنرل آف پاڪستان جاويد جهانگير سان ملاقات دوران ڪيو. ايوان صدر جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب آڊيٽر جنرل جاويد جهانگير صدر کي اي جي پي آفيس جي ڪارڪردگي ۽ انفارميشن ٽيڪنالاجي جي مدد سان اداري جي صلاحيت ۾ بهتري آڻڻ جي قدمن تي بريفنگ ڏني.

مضمون کا ماخذ : نقدی پھٹنا