وزيراعظم پاران خيبرپختونخواهه جي حڪومت کي ايبٽ آباد ۾ سرسبز پاڪستان جي لاءِ ڪيل ڪوششن ۾ خدمتن تي مبارڪون

image

اسلام آباد – 15 آگسٽ (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان خيبرپختونخواهه جي حڪومت کي ايبٽ آباد ۾ سرسبز پاڪستان جي لاءِ ڪيل ڪوششن ۾ نمايان خدمتن تي مبارڪباد ڏني آهي. جاري ٽوئيٽ ۾ وزيراعظم ايبٽ آباد جي علائقي جدڪار بانڊه ۾ وڻڪاري کان اڳ ۽ پوءِ جون تصويرون پڻ شيئر ڪيون آهن. وزيراعظم چيو ته سرسبز پاڪستان جي ڏس ۾ ايبٽ آباد ۾ ڪوششون جاري آهن. هن 10 بلين ٽري سونامي جي هدف کي حاصل ڪرڻ ۾ خيبرپختونخواهه جي حڪومت کي مبارڪباد پڻ ڏني.

مضمون کا ماخذ : منی ٹرین 2