پرڏيهي ڪاروباري ادارا پاڪستان جي ڪاروبار دوست پاليسين مان فائدو کڻن: صدر

image
APP68-221121 ISLAMABAD: November 22 - The Ambassador-designate of Japan, Mitsuhiro Wada presenting his credentials to President Dr. Arif Alvi at Aiwan-e-Sadr. APP

اسلام آباد – 22 – نومبر (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي پرڏيهي ڪاروباري ادارن تي پاڪستان جي ڪاروبار دوست پاليسين مان فائدو کڻڻ تي زور ڏيندي چيو آهي ته زراعت، آءِ ٽي، ٽيلي ڪميونيڪيشن، توانائي ۽ سياحت سميت مختلف شعبن ۾ سيڙپڪاري جا بي پناهه موقعا موجود آهن، نامزد سفير پنهنجي ملڪن جي ڪاروباري ادارن کي سيڙپڪاري لاءِ پاڪستان جهڙي پرڪشش منزل طرف متوجهه ڪن. اهڙن خيالن جو اظهار هن جاپان، ناروي، پولينڊ ۽ ڪمبوڊيا جي نامزد سفير سان ڳالهائيندي ڪيو. جاپان جي نامزد سفير مٽسوهيروواڊا،ناروي جي نامزد سفير پير البرٽ لساس، پولينڊ جي نامزد سفير ماسيج پسارسڪي ۽ ڪمبوڊيا جي غير مقيم نامزد سفير انگ سين صدر مملڪت کي تقريب ۾ پنهنجون پنهنجون سندون پيش ڪيون.ان موقعي تي ڳالهائيندي هن چيو ته پاڪستان دوست ملڪن سان ٻطرفي واپار ۽ واپاري تعاون کي وڌيڪ سگهه ڏيڻ جو خواهشمند آهي، دوست ملڪن سان واپار کي ان جي مڪمل صلاحيت تائين وٺي وڃڻ جي ضرورت اهي، هن چيو ته غير ملڪي ڪاروباري ادارا پاڪستان جي ڪاروبار دوست پاليسين مان فائدو کڻن، زراعت، آءِ ٽي، ٽيلي ڪميونيڪيشن، توانائي ۽ سياحت سميت مختلف شعبن ۾ سيڙپڪاري جا بي پناهه موقعا موجود آهن. صدر چيو ته نامزد سفير پنهنجي ملڪ جي ڪاروباري ادارن کي سيڙپڪاري لاءِ پاڪستان جهڙي پرڪشش منزل طرف متوجهه ڪن. هن سفيرن کي پاڪستان جي ڪورونا جي خلاف سمارٽ لاڪ ڊائون جي ڪامياب حڪمت عملي جي باري ۾ آگاهه ڪيو. صدر افغانستان ۾ انساني امداد جي فراهمي تي به زور ڏنو. صدر نامزد سفيرن کي مبارڪباد ڏني ۽ اميد ظاهر ڪئي ته سفير سياسي، تجارتي، سفارتي ۽ ثقافتي لاڳاپن کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ ۾ پنهنجو ڪردار ادا ڪندا.

مضمون کا ماخذ : پاکستان لاٹری نمبر