ڪراچي-06 سيپٽمبر (اي پي پي)سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه سان گڏيل قومن جي هاءِ ڪميشن فار ريفيوجيز محترمه ليلا نگمانووا پنهنجي وفد سان گڏ وزيراعليٰ هائوس ۾ ملاقات ڪئي. اجلاس ۾ ايشيا ۽ پئسفڪ بابت عالمي ترجمان بابر بلوچ، يو اين ايڇ سي آر پاڪستان جو ترجمان قيصر خان آفريدي پڻ شرڪت ڪئي، جڏهن ته سنڌ جي معاونت ايڪسائيز واري صوبائي وزير مڪيش چاولا، صلاحڪار ري-هيبليٽيشن رسول بخش چانڊيو، چيف سيڪريٽري سهيل راجپوت، اسپيشل سيڪريٽري رحيم سومرو، ڊي جي پي ڊي ايم اي سلمان شاهه پڻ موجود هئا. سنڌ جي وڏي وزير برسات جي تباهي بابت گڏيل قومن جي وفد کي ٻڌايو ته هن سال برساتن سمورا رڪارڊ ٽوڙي ڇڏيا آهن ۽ صوبو هڪ ڍنڍ جو منظر پيش ڪري رهيو آهي. هن چيو ته اسان جي ڀرپور ڪوشش آهي ته عوام کي سڀ ضروري سهولتون فراهم ڪيون وڃن ۽ ان لاءِ اسان جي حڪومت ڏينهن رات ڪم ڪري رهي آهي. هن چيو ته برساتن سبب 15 لک گهر ڊهي ويا آهن، وڏي تباهي سبب لکين ماڻهو بي گهر ٿي ويا آهن. هن چيو ته مونکي پنهنجي عوام کي هر ممڪن رليف ڏيڻو آهي. اسان ڪوشش ڪري رهيا آهيون ته پاڻي نيڪال واري عمل کي جلد کان جلد مڪمل ڪري بحالي جي قدمن کي تيز ڪيو وڃي. هن چيو ته مون کي پنهنجي عوام جي معاشي بحالي بابت جوڳا قدم کڻڻا پوندا ته جيئن متاثرين جلد کان جلد بهتر زندگي گذاري سگهن. هن چيو ته ٻوڏ سبب ٿيل نقصان جو صحيح اندازو سروي کانپوءِ ئي سامهون ايندو ۽ هن وقت ماڻهن جي حالت گهڻي خراب آهي. هن چيو ته چوپايو مال مري وڃڻ ۽ فصلن جي مڪمل تباهي سبب متاثرن کي خوراڪ جي کوٽ کي به منهن ڏيڻو پئجي رهيو آهي پر اسان جي ڀرپور ڪوشش آهي ته متاثرن جو هر طرح سان خيال رکيو وڃي. هن چيو ته اسان متاثرن کي سرڪاري عمارتن ۾ پناهه ڏني آهي ۽ انهن کي صحت جون سهولتون پڻ ڏئي رهيا آهيون ڇوته بيٺل پاڻي سبب ڊينگي ۽ ٻيون بيماريون پيدا ٿي رهيون آهن. هن چيو ته هن وقت سنڌ کي 10 لک خيمن جي ضرورت آهي، برساتون ختم ٿي ويون آهن پر تباهي جاري آهي. بلوچستان جي جبلن مان ايندڙ ٻوڏ سڄي نيڪال واري نظام کي تباهه ڪري ڇڏيو آهي. منڇر ڍنڍ ۾ ڪٽ لڳايا ويا آهن پر پوءِ به پاڻي گهٽ نه پيو ٿئي. هن چيو ته سنڌو درياهه ۾ پڻ وڏي ٻوڏ آهي. هن چيو ته ٻوڏ سبب 523 ڄڻا فوت ۽ 8332 زخمي ٿيا آهن. پناهگيرن بابت گڏيل قومن جي هاءِ ڪميشن پي ڊي ايم اي سنڌ سان امدادي سامان جي فراهمي لاءِ معاهدو ڪيو ۽ امدادي سامان جلد پهچائڻ جو يقين ڏياريو. ان سامان ۾ 310000 ڪمبل، 76000 بالٽيون، 56500 جيري ڪينز، 18800 خيما، 67500 پلاسٽڪ جي ترپال، 112000 سمهڻ لاءِ بسترا، 150000 مڇرداڻيون، 140000 شمسي بتيون، 24700 ڪچن سيٽ، 32000 سينٽري نيپڪنس، 4500 صابڻ، 3500 ڊگنٽي ڪٽس شامل آهن. اهي شيون ايندڙ ڪجهه ڏينهن ۾ پي ڊي ايم اي کي حوالي ڪيون وينديون.