اسلام آباد – 05 – جنوري (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف هدايت ڪ??ي آهي ته ملڪ ۾ مقامي سطح تي سو??ر پينل ٺاهڻ جي لاءِ پاليسي کي ترجيحي بنيادن تي حتمي شڪل ڏني ??ڃي?? سرڪاري عمارتن ۾ هزار ميگاواٽ جي منصوبن کي ايندڙ گرمي جي موسم کان اڳ هر صورت مڪمل ڪيو وڃي. اها هدايت هن ملڪ ۾ توانائي جي بچت جي لاءِ قدمن تي عملدرآمد جي حوالي سان جائزه اجلاس جي صدارت ڪندي ڏني. وزيراعظم تنبيهه ڪئي ته 10 هزار ميگاواٽ شمسي توانائي جي منصوبن تي عملدرآمد ۾ ڪنهن به قسم جو تعطل يا غفلت قبول نه ڪئي ويندي. هن چيو ته توانائي جي بچت هڪ قومي فرض آهي ۽ اسان کي ان تي عملدرآمد يقيني بڻائڻو آهي. هن هدايت ڪ??ي ته هلندڙ سال جي مڪمل ٿيڻ تي ملڪ ۾ رڳو اليڪٽرانڪ موٽرسائيڪلن جي پيداوار کي يقيني بڻائڻ جي لاءِ قدمن تي عملدرآمد ڪيو ??ڃي?? حڪومت ملڪ ۽ قو?? جي پئسي جي بچت جي لاءِ هر ممڪن قدم کڻندي. اجلاس کي سو??ر آئيزيشن منصوبي تي عملدرآ۾د تي اڳڀرائي کان آگاهه ڪندي ٻڌايو ويو ته شروعاتي مرحلي ۾ وفاقي سرڪاري عمارتن ۾ مجموعي طور تي 1000 ميگاواٽ جا سو??ر پينل لڳايا ويندا. ان حوالي سان پهرين مرحلي جي بڊنگ جو عمل ايندڙ هفتي شروع ٿي ويندو. اجلاس کي وڌيڪ ٻڌايو ويو ته ملڪ ۾ مقامي سطح تي سو??ر پينلز جي پيداوار جي لاءِ پاليسي سازي جو عمل به حتمي مرحلن ۾ داخل ٿي ويو آهي جنهن ۾ سو??ر پينلز جي پيداوار سان واڳيل صنعتن سان پڻ مشاورت مڪمل ڪئي وئي آهي. اليڪٽرانڪ موٽرسائيڪلن جي حوالي سان اجلاس کي ٻڌايو ويو ته ان جي پيداوار کي ملڪ ۾ وڌائڻ جي لاءِ پڻ صنعتن کي اعتماد ۾ وٺي هڪ جامع پاليسي ٺاهي پئي وڃي جنهن ۾ تجويز ڏني وئي ته ملڪ ۾ موٽرسائيڪلن کي مڪمل طور تي اليڪٽرانڪ ڪرڻ جي لاءِ هلندڙ سال جي مڪمل ٿيڻ تي سمورين صنعتن کي ان تي منتقل ڪيو وڃي جنهن تي اجلاس جي شرڪت ڪندڙن اتفاق ڪيو. اجلاس کي وڌيڪ ٻڌايو ويو ته گئس جي بچت جي لاءِ نه رڳو سمورن نئين گيس گيزرز جي پيداوار ڪونيڪل بيفلز سان ڪئي ويندي پر موجوده گيزرز ۾ پڻ هلندڙ سال جي مڪمل ٿيڻ تائين مڪمل طور تي انهن جي تنصيب يقيني بڻائي ويندي. وڌيڪ بجلي جي کپت وارن فلامنٽ/ غيرمعياري پراڻي برقي بلبن جي پيداوار جي حوالي سان ٻڌايو ويو ته موجوده اسٽاڪ جي کپت کانپوءِ انهن جي پيداوار جي وڌيڪ اجازت نه ڏني ويندي ۽ موجوده ڪارخانن کي گهٽ بجلي جي کپت واري نئين ٽيڪنالاجي جا بلب ٺاهڻ تي منتقل ڪيو ويندو. اهڙي طرح ملڪ ۾ وڌيڪ بجلي جي کپت وارن پنکن جي ڪارخانن کي پڻ جلد نئين ٽيڪنالاجي تي منتقل ڪيو ويندو ۽ صارفين وٽ موجوده پنکن کي پڻ تبديل ڪرڻ جي لاءِ هڪ جامع حڪمت عملي جوڙي وئي آهي. وزيراعظم انهن قدمن کي مقرر مدي ۾ مڪمل ڪرڻ کي يقيني بڻائڻ جي پڻ هدايت ڪ??ي. اجلاس ۾ اڳوڻي وزيراعظم شاهد خاقان عباسي، وفاقي وزير اسحاق ڊار، دفاع واري وزير خواجه محمد آصف، خرم دستگير خان، وزيراعظ?? جي صلاحڪار احد چيما، مملڪتي وزير ڊاڪٽر مصدق ملڪ، خاص معاونن محمد جهانزيب خان، سيد فهد حسين، وزيراعظ?? جي ڪوآرڊينيٽر راڻا احسن افضل ۽ ل??ڳا??يل اعليٰ عملدارن شرڪت ڪ??ي.