اسلام آباد-26 آگسٽ (اي پي پي)??گر??ن وزيراعظم انوار الحق ڪاڪڙ مختلف ڪمپنين کي ڪوئلي جي کاڻين ۾ ڪم ڪندڙ پورهيتن جي حفاظت يقيني بڻائڻ جي هدايت ڪئي آهي. اها هدايت هن بلوچستان سان تعلق رکندڙ ڪوئلي جي کاڻين جي ڪمپنين جي وفد سان ملاقات دوران ڏني، وفد وزيراعظم کي بلوچستان جي ترقي کي حڪومت جي اولين تر??يحن ۾ شامل ڪرڻ جي ويزن تي کيس خراج تحسين پيش ڪيو. وفد وزيراعظم کي بلوچستان ۾ ڪوئلي جي کاڻين جي کوٽائي جي صنعت کي درپيش مسئلن بابت آگاهه ڪيو، وزيراعظم وفد کي انهن جي مسئلن جي حل جي خاطري ڪرائي. وزيراعظم چيو ته بلوچستان معدنيات سان مالا مال آهي، اجلاس ۾ ??گر??ن وفاقي وزيرن سرفر??ز احمد بگٽي، شاهد اشرف تارڙ سميت بلوچستان جي ??گر??ن وڏي وزير، صوبائي وزيرن ۽ اعليٰ عملدارن شرڪت ڪئي.