اسلام آباد-13 جون (اي پي پي)ناڻي واري سيڪريٽري امداد الله بوسال چيو آهي ته پگهارن ۾ اضافو بنيادي پگهار تي ٿيندو. پوسٽ بجيٽ پريس ڪانفرنس دورا?? هڪ سوال تي هن چيو ته جن خودمختيار ادارن ۽ ڪارپوريشنن حڪومتي پي اسڪيل لاڳو ڪري ڇيو آهي، اضافو انهن تي لاڳو ٿيندو، تنهن هوندي به جن خود مختيار ادارن، ڪارپوريشنن جا پنهنجي پي اسڪيل هوندا اهي پنهنجي طريقيڪار موجب ان تي عمل ڪن??ا. هن چيو ته اي او بي آءِ هڪ خودمختيار ادارو آهي، پينشن ۾ اضافي جو فيصلو هو پاڻ ڪن??و.