غريب ۽ ڪمزور طبقن جي مدد ڪرڻ اسلامي معاشري جو لازمي جز آهي: صدر

image
APP06-24 ISLAMABAD: December 24 – President Dr. Arif Alvi addressing the ceremony Sharing Compassion with Special Persons organized by Akhuwat Foundation at the Aiwan-e-Sadr. APP

اسلام آباد – 24 ڊسمبر (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو آهي ته معاشري جي غريب ۽ ڪمزور طبقن جي مدد ڪرڻ اسلامي معاشري جو لازمي جز آهي، پاڪستان لکين پناهگيرن کي پناهه ڏني ۽ تقريبن چئن ڏهاڪن کان کلي دل سان انهن جي ميزباني ڪري انساني همدردي جو مثال قائم ڪيو آهي، خصوصي ماڻهن لاءِ سهولتن ۽ موقعن جي فراهمي جي حوالي سان قانونن تي عملدرآمد ۽ روين ۾ بهتري آڻڻ جي ضرورت آهي. هو ايوان صدر ۾ اخوت فائونڊيشن جي اهتمام هيٺ تقريب کي خطاب ڪري رهيو هو.

مضمون کا ماخذ : خداؤں کی عمر