هر خاندان ۾ ٻار جي پهرين درسگاهه ماءُ جي هنج هوندي آهي: صدر

image
APP67-08 ISLAMABAD: March 08 - President Dr. Arif Alvi addressing the ceremony in celebration of International Women's Day at Aiwan-e-Sadr. APP

اسلام آباد – 08 مارچ (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو آهي ته هر خاندان ۾ ٻار جي پهرين درسگاهه ماءُ جي هنج هوندي آهي، عورتن کي بااختيار بڻائڻ کانسواءِ معاشري ۾ مقام حاصل ڪرڻ مشڪل آهي، عورت جي صحت، تعليم، گهر ۽ عوامي جاين تي تحفظ ۽ معاشي ۽ وراثتي حقن جي فراهمي معاشري جي هر شخص جي ذميواري آهي، عالم سڳورا الله جي حڪمن جي حوالي سان معاشري ۾ عورتن کي حق ڏيارڻ ۾ پنهنجو موثر ڪردار ادا ڪن. اهڙن خيالن جو اظهار هن عورتن جي عالمي ڏهاڙي جي موقعي تي ايوان صدر ۾ تقريب کي خطاب ڪندي ڪيو.

مضمون کا ماخذ : خداؤں کی عمر