گلگت جي عوام پاڪستان تحريڪ انصاف کي تمام گهڻي پذيرائي ڏني آهي: شبلي فراز

image
APP26-141120 ISLAMABAD: November 14 - Federal Minister for Information and Broadcasting, Senator Shibli Faraz addressing a press conference at PID Media Center. APP photo by Saleem Rana

اسلام آباد – 14 نومبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير سينيٽر شبلي فراز چيو آهي ته گلگت جي عوام پاڪستان تحريڪ انصاف کي تمام گهڻي پذيرائي ڏني آهي، مخالف ڌر جي تقريرن ۽ بيانن سان لڳي ٿو ته اهي پنهنجي شڪست کي ڌانڌلي جو نالو ڏيندا، اهي اقتدار جي حوس ۾ مبتلا آهن، انهن جي سوچ جمهوري نه آهي، جمهوريت جو لباس پائي مسلم ليگ (ن) چونڊيل حڪومت جي خاتمي لاءِ غيرآئيني طريقو اختيار ڪري رهي آهي، ڪورونا جي باوجود معاشي صورتحال بهتري طرف گامزن آهي، شين جي قيمتن ۾ گهٽتائي جي لاءِ قدم جاري آهن، سياسي مخالفن بابت اڻوڻندڙ زبان جو استعمال مسلم ليگ (ن) جو شيوو آهي، اهي ماڻهو اقتدار کي عوام جي ڀلائي جي لاءِ نه پنهنجي ڪرپشن بچائڻ ۽ دولت وڌائڻ جي لاءِ استعمال ڪن ٿا. اهڙن خيالن جو اظهار هن پريس انفارميشن ڊپارٽمينٽ (پي آءِ ڊي) ۾ پريس ڪانفرنس کي خطاب ڪندي ڪيو.

مضمون کا ماخذ : لاٹری ٹکٹ لائیو