وزيراعظم سان خيبرپختونخوا سان تعلق رکندڙ قومي اسيمبلي ميمبرن جي ملاقات

image
APP61-240621 ISLAMABAD: June 24 - Parliamentarians from Khyber Pakhtunkhwa called on Prime Minister Imran Khan. APP

اسلام آباد – 24 جون (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان سان خيبرپختونخوا سان تعلق رکندڙ قومي اسيمبلي ميمبرن ملاقات ڪئي آهي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ مان جاري بيان موجب اسيمبلي ميمبرن سليم الرحمان، صالح محمد، مجاهد علي، نور عالم خان، ملڪ فخر زمان، ملڪ انور تاج، شير اڪبر خان ۽ گل داد خان موجود هئا. ان موقعي تي لاڳاپيل تڪن جي مسئلن ۽ جاري ترقياتي منصوبن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي.

مضمون کا ماخذ : گولڈ رش