حڪومت ڪاروبار ۾ آساني پيدا ڪرڻ جي پاليسي تي محنت سان عمل پيرا آهي: وزيراعظم عمران خان

image
APP26-130921 ISLAMABAD: September 13 – A delegation of Chinese CEOs call on Prime Minister Imran Khan on Monday. APP

اسلام آباد – 13 – سيپٽمبر (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته حڪومت ڪاروبار ۾ آساني پيدا ڪرڻ جي پاليسي تي محنت سان عمل پيرا آهي، حڪومت سيڙپڪارن کي هر ممڪن سهولتون فراهم ڪندي، پاڪستان ۾ وچولي ۽ ننڍي درجي جي صنعت جي ترقي جا وسيع موقعا موجود آهن، جن ۾ چيني ڪمپنيون ڪردار ادا ڪري سگهن ٿيون، اهڙن خيالن جو اظهار هن چيني ڪمپنين جي سربراهن جي وفد سان ڳالهائيندي ڪيو جنهن سومر ڏينهن ساڻس ملاقات ڪئي. ملاقات دوران وفد ۾ ايزي پري فيبريڪيٽڊ هومز پرائيويٽ لميٽيڊ جو سي اي او، لاهي ٽريڊنگ انٽرنيشنل پرائيويٽ لميٽيڊ جو سي اي او، ياياشينگ انڊسٽريل پراڊڪٽس ڪمپني جو سي اي او، ليڊ زون پرائيويٽ لميٽيڊ جو سي اي او، چيانگ شنگ پاڪستان سراميڪس پرائيويٽ لميٽيڊ جو سي اي او، سنووائيٽ لاويشن پرائيويٽ لميٽيڊ جو سي اي او، زينگ بانگ ايگريڪلچر پاڪستان پرائيويٽ لميٽيڊ جو سي اي او، ايگزٽ ٽيڪ پرائيويٽ لميٽيڊ جو سي اي او ۽ چئلينج فيشن پرائيويٽ لميٽيڊ جو سي اي او شامل هئا. ان موقعي تي چيني سفير نونگ رانگ به موجود هو، وفاقي وزير محمد حماد اظهر شوڪت فياض ترين، اسد عمر، واپار وارو صلاحڪار عبدالرزاق دائود، سي پيڪ بابت خاص مددگار خالد منصور ۽ سينئر آفيسر به موجود هئا. وفد پاڪستان جي سيڙپڪار دوست پاليسين کي ساراهيو ۽ پاڪستان ۾ سيڙپڪاري لاءِ گهري دلچسپي جو اظهار ڪيو وزيراعظم وفد جي آجيان ڪندي چيو ته حڪومت ايز آف ڊوئنگ بزنس پاليسي تي محنت سان عمل پيرا آهي، سيڙپڪارن لاءِ مراعتون فراهم ڪري رهي آهي ۽ انتظامي ڪاررواين کي آسان بڻايو پيو وڃي. وزيراعظم خاطري ڪرائي ته انهن جي مسئلن کي ترجيحي بنيادن تي حل ڪرڻ لاءِ هو مهيني پاڻ جائزي اجلاس جي صدارت ڪندو. هن چيو ته پاڪستان چين سان صنعتي شعبي جي ترقي جي حوالي سان تمام گهڻو سکي سگهي ٿو، چيني سيڙپڪارن سان پاڪستان ۾ روزگار جا موقعا ملندا ۽ افرادي قوت هنر سکندي، پاڪستان ۾ وچولي ۽ ننڍي درجي جي صنعت جي ترقي جا وسيع موقعا موجود آهن جن ۾ چيني ڪمپنيون ڪردار ادا ڪري سگهن ٿيون، وزيراعظم چيو ته زراعت، ماهيگيري، سبزي، فروٽ، وڌيڪ پيداوار وارا پالتو جانور، آءِ ٽي ۽ ٽيڪنالاجي ۽ ننڍي صنعتن تي ڌيان ڌيڻ جي ضرورت آهي، حڪومت سيڙپڪارن کي هر ممڪن سهولتون فراهم ڪندي.

مضمون کا ماخذ : تھور میگا ویز کی طاقت