ڪراچي – 20 – مارچ (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو آهي ته عدليه جي بحالي ۾ وڪيل برادري اهم ڪردار ادا ڪيو. اهڙن خيالن جو اظهار هن گورنر هائوس سنڌ ۾ قانون جي حڪمراني جي حوالي سان منعقد سيمينار کي خاص مهمان جي حيثيت سان خطاب ڪندي ڪيو. صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو ته قانون جي حڪمراني ۽ جمهوريت کانسواءِ ڪو به ملڪ ترقي نه ٿو ڪري سگهي. هن چيو ته اسان کي ملڪ ۾ جمهوريت جي بقاءَ جي لاءِ گهربل قربانين کان پاسو نه ڪرڻ گهرجي. صدر چيو ته قانون جي حڪمراني جي لاءِ مشاورت ضروري آهي پر مشاورت جي عمل ۾ غيراهم عمل رڪاوٽ آهن. هن عوام کي اپيل ڪئي ته اها ملڪ ۾ جمهوريت جي بقاءَ کي يقيني بڻائڻ جي لاءِ تشدد ۽ ٽڪراءُ کان پاسو ڪري. صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو ته وڪيلن کي جمهوري عمل جي تسلسل ?? قانون جي حڪمراني کي ان جي روح سان لاڳو ڪرڻ جي لاءِ تمام اهم ڪردار ادا ڪرڻو آهي. هن چيو ته پاڪستان جمهوري عمل سان قائم ٿيو ۽ ان جي ترقي جمهوريت جي تسلسل سان ئي ممڪن آهي. ان موقعي تي سپريم ڪورٽ بار ايسوسيئيشن جي صدر شاهد زبيري، سنڌ بار ڪائونسل جي ميمبر نعيم قريشي ۽ ايڊووڪيٽ رياض آفندي پڻ خطاب ڪيو.