اسلام آباد – 25 – ??ئي (اي پي پي) پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري جي دعوت تي بيلاروس جو پرڏيهي وزير سرگئي ايلينڪ 30 ۽ 31 ??ئي تي پاڪستان جو سرڪاري دورو ڪندو. پرڏيهي آفيس جي ترجمان ممتاز زهره بلوچ پريس بريفنگ ۾ چيو ته ٻئي پرڏيهي وزير ٻطرفن لاڳاپن جو جائزو وٺندا ۽ سياسي، اقت??اد??، دفاعي ۽ سائنس ۽ ٽيڪنالاجي جي شعبن ۾ تعاون وڌائڻ سميت ٻطرفي دلچسپي جي ڪيترن .ئي معاملن تي ڳالهه ٻولهه ڪندا. ترجمان چيو ته پاڪستان ۽ بيلاروس جي ??چ ۾ ويجها ۽ خوشگوار لاڳاپا قائم آهن. پرڏيهي وزير گذريل سال نيويارڪ ۾ گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي ??ي 77 هين اجلاس جي ??وقعي تي بيلاروسي هم منصب سان ملاقات ڪئي هئي.