اسلام آباد – 09 – آگسٽ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته گذريل 16 مهين?? ۾ ??اريخ جا غيرمتوقع وڏا چئلينجز درپيش هئا، اس??ن جي قدمن سان ملڪ ڊيفالٽ جي خطرن کان بچي ويو، اڄ پاڪستان اپريل 2022ع کان بهتر آهي. پنهنجي ٽوئيٽ ۾ هن چيو ته اڄ ڪابينا جي خصوصي اجلاس ۾ مون پنهنجي ڪابينا جي ساٿين جي تعاون ۽ حمايت تي انهن جا ٿورا مڃيا. گذريل 16 مهينا وڏن چئلي??جن جو دور هو، جيڪو اس??ن جي تاريخ ۾ غيرمتوقع هو. هن چيو ته پاڪست??ن جي سياسي قوتن جو هڪ قومي ايجنڊا جي لاءِ گڏ ٿيڻ اس??ن جي جمهوري نظام جي ارتقا جي نمائندگي ڪري ٿو. وزيراعظم چيو ته شديد ترين ٻوڏ کان وٺي ملڪ کي ڊيفالٽ کان بچائڻ جي لاءِ پاڪست??ن جي سفارتي لاڳاپن جي نئين سر تعمير کان وٺي گورننس جي چئلينجز کي ٺيڪ ڪرڻ جي لاءِ بحرانن جي ڪثرت جي سنگيني کي ڏسندي اسان گڏيل حڪمت عملي جو استعمال ڪيو. هن چيو ته الحمدالله آگسٽ 2023ع ۾ پاڪستان اپريل 2022ع جي ڀيٽ ۾ بهتر آهي. اس??ن جي ڊگهي مدي وارا چئلينجز اڃا به آهن پر اڳتي وڌڻ جي رستي جي واضح طور تي نشاندهي ڪئي وئي آهي ۽ ان رخ ۾ قدم شروع ڪيا ويا آهن. وزيراعظم چيو ته آئون ڪابينا جي هر ساٿي جو ٿورائتو آهيان ته انهن جي مشوري ۽ تعاون س??ن جن ذاتي طور تي ملڪ جي بهترين خدمت ڪرڻ ۾ منهنجي مدد ڪئي، آئون انهن جي لاءِ نيڪ خواهشن جو اظهار ڪريان ٿو.