باڪو – 14 – نومبر (اي پي پي) اطلاعات، نشريات، قومي ورثي ۽ ثقافت واري وفاقي وزير عطاءُ الله تارڙ چيو آهي ته ماحولياتي تبديلي پاڪستان جي لاءِ تمام وڏو چئلينج آهي، گلوبل وارمنگ جي ڪري چوماسي جي برساتن، ٻوڏ ۽ گليشيئرز پگهرڻ سان اسان جي آبادين تي منفي اثر پئجي رهيا آهن، ماڻهو بي گهر ٿي رهيا آهن، فصلن کي نقص??ن پهچي رهيو آهي، اسرندڙ ملڪن سان ماحولياتي تبديلي کي منهن ڏيڻ جي لاءِ مدد جا ڪيل واعدا پورا ڪيا وڃن. ڪوپ 29 جي موقعي تي پاڪست??ن پويلين جي دوري ??ي موقعي تي ڳالهائيندي اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته زهريلي گئسن جي اخراج ۾ پاڪستان جو حصو هڪ سيڪڙو کان به گهٽ 0.5 سيڪڙو آهي، ٻين ملڪن جو زهريلي گئسن جي اخراج ۾ حصو وڌيڪ آهي جڏهن ته سڀ کان وڌيڪ ڪِيتو پاڪستان ڀوڳي رهيو آهي. هن چيو ته پاڪست??ن پويلين ۾ عالمي برادري ??ي زور ڏنو ويو آهي ته پيرس ايگريمنٽ، ڪوپ 27 ۽ ڪوپ 28 ۾ ڪيل واعدا پورا ڪيا وڃن. هن چيو ته ماحولياتي تبديلي جي عالمي چئلينج کي منهن ڏيڻ جي لاءِ گڏيل ڪوششن جي ضرورت آهي. وفاقي وزير چيو ته ٻوڏ س??ن پاڪستان جو اربين ڊالر جو نقصان ٿيو آهي. ماحولياتي تبديلي جي ڪري ??يندڙ نسلن جي مستقبل کي خطرو آهي. هن چيو ته پاڪست??ن پويلين سڀ کان وڌيڪ متحرڪ پويلين آهي، ماڻهو هتي اچي رهيا آهن، انهن کي پاڪستان ۾ موسمياتي تبديلي جي نقصانن بابت آگاهي فراهم ڪئي پئي وڃي. هڪ سوال جي جواب ۾ اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته موسمياتي تبديلي کي منهن ڏيڻ جي لاءِ هر ملڪ جي فنانس اسٽريٽجي هجڻ گهرجي، ان سان تمام گهڻي بهتري ??چي سگهي ٿي. ان سان ڊونر ايجنسي يا ترقي يافته ملڪن کي به مدد ملندي ??ه اهي اڳ ۾ موجود اسٽرڪچر تحت فنڊنگ ڪري ??گهندا. هن چيو ??ه اس??ن پنهنجي ماڻهن ۽ ڪلچر جي تحفظ ۽ ماڻهن کي بي گهر ٿيڻ کان بچائڻ جي لاءِ قدم کڻي رهيا آهيون ۽ اهو احساس پيدا ڪري ??هيا آهيون ته ماحولياتي تبديلي سان ٿيندڙ نقصان اس??ن پنهنجي ماڻهن تائين پهچڻ نه ڏينداسين. عطاءُ الله تارڙ چيو ??ه ايندڙ وقتن ۾ ماحولياتي تبديلي سڀ کان وڏو چئلينج آهي جنهن سان ماڻهن جي جان ۽ مال کي خطرو آهي. هن چيو ??ه ان حوالي سان جيترو ڪم ڪيو وڃي گهٽ آهي. ان موقعي تي اطلاعات واري وفاقي وزير پاڪست??ن پويلين ۾ بلوچستان جي ضلعي حب سان تعلق رکندڙ ٻارڙي زنيره جي اسٽال تي ويو ۽ ساڻس ڳالهه ٻولهه ڪئي. اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته بلوچستان سان تعلق رکندڙ ٻارڙي زنيره پاڪستان جو آواز آهي جنهن ??تي موسمياتي تبديلي جي ڇوڪرين جي تعليم تي پوندڙ اثرن تي آواز اٿاريو آهي. هن چيو ??ه اسان کي زنيره جهڙين ٻارڙين تي فخر آهي، زنيره يو اين پاليسي پيپر ۾ به حصو وڌو. هن چيو ته بلوچستان جي ٻارڙين ۽ تعليم يافته عورتن کي حڪومت جي ڀرپور حمايت حاصل هوندي، بلوچستان جون باشعور عورتون پاڪستان جي ترقي ۾ اهم ڪردار ادا ڪري ??هيون آهن. وفاقي وزير چيو ته پاڪستاني ٻارڙي زنيره گلوبل ڪاز جي لاءِ جيترو ڪم ڪيو آهي ان جي جيتري ??اراهه ڪئي وڃي گهٽ آهي. هن چيو ??ه اسان کي فخر آهي ??ه اسان وٽ اهڙيون ٻارڙيون موجود آهن جيڪي نه رڳو پاڪست??ن پر پاڪستان جي ڪاز تي يقين رکن ٿيون ۽ موسمياتي تبديلي جي اثرن کي گهٽ ڪرڻ جي لاءِ پنهنجو ڪردار ادا ڪرڻ چاهين ٿيون. هن چيو ته پاڪستاني ٻارڙين جو مستقبل تمام روشن آهي، زنيره جهڙيون ٻارڙيون پاڪستان جو پوري ??نيا ۾ نالو روشن ڪنديون. اطلاعات واري وفاقي وزير ان موقعي تي پاڪست??ن پويلين جي مختلف اسٽالز جو دورو ڪيو.