اسلام آباد-08 ڊسمبر (اي پي پي) صدر آصف علي زرداري چيو آهي ته ڪر??شن کان پاڪ معا??ري جي جوڙجڪ لاءِ اسان کي اجتماعي روين ۾ تبديلي آڻڻي پوندي، اسان ڪر??شن جي خاتمي لاءِ سخت احتسابي قدمن کي لاڳو ڪرڻ ۽ گورننس ۾ شفافيت کي هٿي ڏيڻ لاءِ پرعزم آهيون. ايوان صدر جي پريس ونگ موجب اهڙو اظهار هن بدعنواني جي خاتمي واري عالمي ڏينهن جي موقعي تي پنهنجي پيغام ۾ ڪيو. هن چيو ته اڄ اسان ڪر??شن جي تباهه ڪن اثرن جي باري ۾ شعور اجاگر ڪرڻ لاءِ ڪر??شن جي خاتمي جو عالمي ڏينهن ملهائي رهيا آهيون. هي ڏينهن ڪر??شن خلاف جدوجهد، شفافيت ۽ احتساب کي هٿي ڏيڻ لاءِ سڀني قومن جي زميوارين جي ياد ڏياري ٿو. هي ڏينهن پاڪستان سميت گڏيل قومن جي بدعنواني جي خاتمي واري ڪنو??ين??ن جي ٻين ميمبر ملڪن طرفان ڪر??شن جي خاتمي لاءِ جاري ڪوششن جي عڪاسي ڪر?? ٿو. ڪر??شن سان عوامي اعتماد مجروح ٿئي ٿو ۽ هي وسيلن جي ضايع ٿيڻ سان گڏوگڏ سماجي ۽ اقتصادي ترقي کي به متاثر ڪر?? ٿو. اڄ اسان ڪر??شن جي خاتمي لاءِ سخت احتسابي قدمن کي لاڳو ڪرڻ ۽ گورننس ۾ شفافيت کي هٿي ڏيڻ جي عزم کي ورجايون ٿا. صدر مملڪت چيو ته گذريل سالن ۾ پاڪستان بدعنواني جي خاتمي جي عالمي فريم ورڪس جي روشني ۾ اهم قدم کنيا ۽ هڪ موثر احتسابي نظام قائم ڪيو آهي. جڏهن ته اڃان گهڻو ڪجهه ڪرڻ باقي آهي ۽ اسان کي پنهنجي معا??ري مان ڪر??شن جي عادت کي ختم ڪرڻ لاءِ ڪوششون جاري رکڻيون پونديون. قومي احتساب بيورو نيب ملڪ جو ڪر??شن جي خاتمي وارو اعليٰ ادارو آهي. هن چيو ته نيب ڪر??شن جي ڪيسن جي جاچ ۽ قانوني ڪارروائي کانسواءِ ان جي ناڪاري اثرن جي باري ۾ عوامي شعور اجاگر ڪرڻ ۾ به مرڪزي ڪردار ادا ڪر?? رهيو آهي. روڪٿام ذريعي ڪر??شن جو خاتمو به نيب جي هڪ اهم ذميواري آهي. جڏهن ته ڪر??شن خلاف جنگ ڪنه?? هڪ اداري جي ڪوششن سان کٽڻ ممڪن ناهي، بدعنواني هڪ وڏو چئلينج آهي ۽ ان جو پيچيدگيون رياست جي سمورن ٿنڀن طرفان موثر ڪوششن ۽ ڪر??شن جي بنيادي سببن تي ڌيان ڏيڻ جو مطالبو ڪن ٿيون. صدر چيو ته ڪر??شن جي خاتمي واري ڏهاڙي جو هن سال موضوع ”نوجوانن سان متحد ٿي بدعنواني کان پاڪ مستقبل جي جوڙجڪ“ موجب اهو ضروري آهي ته معا??ري جو هر طبقو خاص طور نوان سول سوسائٽي ۽ شهري بدعنواني جي خاتمي لاءِ گڏجي ڪم ڪن، کين بدعنواني جي خاتمي جي ڪوششن ۾ فعال طور حصو وٺڻ، احتساب جي ڪلچر کي هٿي ڏيڻ ۽ بدعنواني جي خاتمي جو نظام بهتر بڻائڻ لاءِ تجويزون پيش ڪرڻ جي ضرورت آهي، اسان کي هر سطح تي ڪر??شن کان پاڪ ڪلچر جي جوڙجڪ لاءِ پنهنجي اجتماعي روين ۾ تبديلي آڻڻي پوندي، اسان سڀ گڏجي ان ڳالهه کي يقيني بڻائي سگهون ٿا ته عوامي ڀلائي لاءِ رکيل وسيلا پنهنجي جائز مقصد لاءِ استعمال ٿين ۽ سمورا شهري شفاف ۽ موثر گورننس جي ثمرن مان فائدو حاصل ڪن. صدر چيو ته اسان کي شفاف ۽ ديانتداري جو ماحول جوڙڻ لاءِ گڏجي ڪم ڪرڻ گهرجي ۽ هڪ اهڙي مستقبل لاءِ ڪم ڪرڻو آهي جتي ڪردار سازي کي اسان جي معا??ري ۾ مرڪزي اهميت حاصل هجي.