اسلام آباد – 02 – جنوري (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته معاشي اس??حڪام سياسي اس??حڪام سان واڳيل آهي، 2025ع پاڪستان جي ترقي ۽ خوشح??لي جو سال آهي، ملڪي روانگي واپار ۾ نمايان اضافو ٿيو، اسمگلنگ ۾ گهڻي گهٽتائي آئي، اسٽاڪ ايڪسچينج تاريخ ۾ بلند ترين ۽ 2018ع کانپوءِ مهانگائي گهٽ ترين سطح تي آهي، دهشتگردي ٻيهر ڪَر کڻي ره?? آهي، ان جو ڪنڌ ڪچلڻو آهي، ان کانسواءِ اس??ن ا??تي نه ٿا وڌي سگهون. خصوصي سيڙپڪاري سهولت ڪائونسل (ايس آءِ ايف سي) جي 11هين اجلاس کي خطاب ڪندي وزيراعظم اجلاس ۾ شريڪ وڏن وزيرن، وفاقي وزيرن، هٿياربند فوج جي سربراهه، وفاقي ۽ صوبائي حڪومتن جي آفيسرن کي نئين سال جي مبارڪباد ڏيندي ان اميد جو اظهار ڪيو ته هلندڙ سال پاڪستان جي عوام جي لاءِ خير ۽ برڪت جو سال هوندو ۽ ايندڙ ڏينهن ملڪ ۾ ترقي ۽ خوشح??لي جي نويد آڻيندا. وزيراعظم چيو ته پاڪستان ۾ 2018ع کانپوءِ مهانگائي 4.1 سيڪڙو جي گهٽ ترين سطح تي آهي، ٻاهرئين مٽاسٽا جي ناڻي ۾ 5 مهينن دوران گذريل سال جي ڀيٽ ۾ 34 سيڪڙو اضافو ٿيو آهي، ملڪي روانگي واپار وڌيو آهي، غيرملڪي پرڏيهي ناڻي جا ذخيرا 4 ارب ڊالر کان وڌي ساڍا 12 ارب ڊالر تي پهچي چڪا آهن، بئنڪن جو پاليسي ريٽ 13 سيڪڙو تي آهي ۽ ان ۾ وڌيڪ گهٽتائي جي گنجائش موجود آهي، اسٽاڪ ايڪسچينج تاريخ جي بلند ترين سطح تي ڇُهي ره?? آهي، سمورا معاشي هدف ۽ اشارا ان ڳالهه جو ثبوت آهن ته هي سال پاڪستان جي ترقي ۽ خوشح??لي ۾ مددگار ثابت ٿيندو شرط اهو آهي ته اس??ن ڏينهن رات محنت ڪندي پاڪستان کي ا??تي وٺي وڃڻ جو وچن ڪريون. وزيراعظم چيو ته موجوده حڪومت کي ساڍا 9 مهينن دوران اندروني ۽ ٻاهرئين خلفشار کي منهن ڏيڻو پيو، اس??ن حڪومت سنڀ??لي ته بي پناهه چئلينجز اس??ن جي آڏو هئا پر گڏيل تعاون ۽ گڏيل ڪوششن سان انهن چئلينجز جو مقابلو ڪيو ۽ الله اس??ن جي مدد ڪئي. وزيراعظم شرڪت ڪندڙن کي ٻڌايو ته چانور جي برآمدات جي مد ۾ 4 ارب ڊالر جڏهن ته کنڊ جي روانگي واپار جي مد ۾ اڌ ارب ڊالر قومي خزاني ۾ آيا، کنڊ جي ملڪ ۾ ضرورت کان وڌيڪ پيداوار هئي جنهن جي ڪري اس??ن ان کي برآمد ڪري سگهياسين، ان کانسواءِ اسمگلنگ تي ضا??طو آندو ويو جنهن جي ڪري اها کنڊ اسمگل ٿيڻ بدران برآمد ڪئي وئي، اسمگلنگ تي 100 سيڪڙو ڪريڪ ڊائون ڪيو ويو، آئل جي اسمگلنگ ۾ پڻ خاطرخواهه گهٽتائي آئي جنهن سان وڏي سپورٽ ملي. وزيراعظم وچ ايشيائي رياستن ۾ پاڪستان جي لاءِ وڏن موقعن جو ذڪر ڪندي چيو ته آذربائيجان ۽ ازبڪستان سميت وچ ايشيائي رياستن سان اس??ن جا بهترين لاڳاپا آهن، اهي پاڪستان سان رابطن ۽ سيڙپڪاري ۾ اضافي جا خواهشمند آهن، اين ايل سي هاڻي ماسڪو تائين ڪارگو کڻي کڻي ره?? آهي ۽ سمورن اترئين علائقن کي ڪور ڪري ره?? آهي، سعودي عرب، يو اي اي ۽ قطر سان اس??ن جا بي ٽو بي معاهدا ۽ ايم او يوز ٿيا آهن، ان ۾ اس??ن کي تيزي سان ا??تي وڌڻو آهي، ترقي ۽ خوشح??لي جو سفر تڏهن ئي طئي ٿيندو جيڪڏهن ملڪ ۾ اس??حڪام هجي، معاشي اس??حڪام سياسي اس??حڪام سان ڳنڍيل آهي، معاشي اس??حڪام سان سياسي اس??حڪام ايندو، اس??ن کي ترقي ۽ خوشح??لي جي لاءِ روانگي واپار وڌائڻو پوندو، ان کانسواءِ ڪو آپشن نه آهي، بجلي جي قيمتن ۾ خاطرخواهه گهٽتائي جي لاءِ ڏينهن رات ڪم ٿي ره??و آهي، اوڳاڙيون وڌائڻ جي لاءِ ٽيڪس چوري کي روڪڻو پوندو، پرائيويٽ بئنڪن گذريل ٻن ٽن سالن ۾ تمام گهڻو منافعو ڪمايو، اسٽيٽ بئنڪ جي گورنر ۽ عملدارن اي ڊي آر جي ذريعي 72 ارب رپيا وصول ڪيا جيڪي قومي خزاني ۾ اچي چڪا آهن. وزيراعظم ايف بي آر چيئرمين ۽ ٻين آفيسرن جي ڪوششن کي ساراهيندي چيو ته ڪراچي پورٽ تي فيس ليس ڪليئرنس شروع ٿي وئي آهي، ان سان ڪنٽينرز جي ڪليئرنس جي وقت ۾ 39 سيڪڙو گهٽتائي آئي آهي، 88 سيڪڙو ڪاروباري برادري ان کي ساراهيو آهي، ان سان بيڪ لاگ پڻ ڪليئر ٿيو آهي ۽ رش ۾ پڻ گهٽتائي آئي آهي. وزيراعظم معاشي ڪاميابين کي ٽيم ورڪ جو نتيجو قرار ڏيندي چيو ته وفاق ۽ صوبا گڏجي ڪم ڪري ره??ا آهن، سڀني کي پنهنجي پنهنجي حصي جو ڪم ڪرڻو آهي، ڏينهن رات محنت ڪنداسين ته عالمي دنيا ۾ پاڪستان ڳاٽ اونچو ڪري هلي سگهندو. وزيراعظم معاشي ڪاميابين کي امن تي دارومدار قرار ڏيندي چيو ته سيڪيورٽي هڪ وڏو چئلينج بڻجي چڪو آهي، افغانستان ۾ عبوري حڪومت کانپوءِ بي شمار ماڻهو ڇڏي ويا، پارليامينٽ ۾ ان حو??لي سان جيڪو بحث ٿيو اهو سڀني جي سامهون آهي، بهرحال جيڪو ٿيڻو هو ٿي ويو، هاڻي اهو چئلينج ٻيهر سامهون ڪَر کڻي بيٺل آهي، ان کي چيڀاٽڻ کانسواءِ ا??تي نه ٿا وڌي سگهون. وزيراعظم دهشتگردي جي خلاف پاڪ فوج، قانون لاڳو ڪندڙ ادارن ۽ پوليس جي قربانين کي خراج عقيدت پيش ڪندي چيو ته جهڙي طرح اهي پنهنجي جانين جا نذرانا پيش ڪري ره??ا آهن، ان کان وڌيڪ ڪا قرباني نه ٿي ٿي سگهي، پوري قوم انهن قربانين جي معترف آهي، روزانو ڪو نه ڪو واقعو ٿئي ٿو، قربانين جا لازوال داستان لکجي ره??ا آهن. وزيراعظم پارا چنار ۾ معاهدي کي خوش آئنده قرار ڏيندي ان ۾ ڪردار ادا ڪندڙن کي خراج تحسين پيش ڪيو. وزيراعظم چيو ته ٻنهي طرفن کان سوين ماڻهو ماريا ويا، اهڙا واقعا ٻيهر ڪڏهن به نه ٿيڻ گهرجن، ان جي لاءِ ضروري آهي ته اس??ن ذاتي پسند ۽ ناپسند کان مٿانهون ٿي فيصلا ڪريون.