وزيراعظم پاران غير قانوني سرگرمين کي روڪڻ لاءِ قانون سخت ڪرڻ جي هدايت

image
APP91-30 ISLAMABAD: November 30 - Prime Minister Imran Khan chairs high level meeting at PM Office. APP

اسلام آباد – 30 نومبر (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان مني لانڊرنگ بابت ڏوهن کي موثر انداز ۾ منهن ڏيڻ لاءِ هڪ هفتي جي اندر نئين قانونسازي کي حتمي شڪل ڏيڻ ۽ هنڊي ۽ ٻين غير قانوني يا ڪرپٽ سرگرمين جي موثر روڪٿام لاءِ موجوده قانونن کي وڌيڪ مستحڪم ڪرڻ جي به هدايت ڪري ڇڏي آهي. وزيراعظم قانوني چينلز جي ذريعي مٽاسٽا جي ناڻي جي وڌيڪ حوصلا افزائي لاءِ پيڪيج جي به منظوري ڏني. اهي فيصلا وزيراعظم آفيس ۾ وزيراعظم عمران خان جي صدارت ۾ اجلاس جي دوران ڪيا ويا.

مضمون کا ماخذ : loteria Ceará