سوشل ميڊيا جي اهميت وڌي وئي آهي: ڊاڪٽر فردوس عاشق اعواڻ

image
APP40-07 LAHORE: December 07 - SAPM on Information and Broadcasting Dr Firdous Ashiq Awan and Punjab Information Minister Fayaz Ul Hassan Chauhan chairing a meeting to discuss communication strategies of Federal and Punjab governments at CM office. APP

لاهور – 07 ڊسمبر (اي پي پي) وزيراعظم جي اطلاعات ۽ نشريات بابت خصوصي معاون ڊاڪٽر فردوس عاشق اعواڻ چيو آهي ته تيزي سان بدلجندڙ دنيا سوشل ميڊيا جي اهميت کي پهرين کان ڪيترائي ڀيرا وڌائي ڇڏيو آهي، وزيراعظم جي خواهش آهي ته عوامي ڀلائي لاءِ وفاقي ۽ صوبائي حڪومتون سوشل ميڊيا کي هڪ موثر ميڊيم جي طور تي استعمال ڪرڻ جي غرض سان جامع پاليسي جوڙين. هو وزيراعليٰ هائوس لاهور ۾ اطلاعات واري صوبائي وزير فياض الحسن چوهاڻ سان گڏ وفاقي ۽ صوبائي حڪومتن جي بهتر حڪمت عملي جوڙڻ جي حوالي سان منعقد اجلاس جي صدارت ڪري رهي هئي، اجلاس ۾ پريس انفارميشن ڊپارٽمينٽ، پيمرا، ايسوسيئيٽيڊ پريس آف پاڪستان (اي پي پي)، ريڊيو پاڪستان، پي ٽي وي ۽ ڊي جي پي آر جي آفيسرن شرڪت ڪئي.

مضمون کا ماخذ : لاٹری کا حساب