وزيراعظم سان اردن جي شهزاديءَ ساره زيد جي ملاقات

image
APP78-28 ISLAMABAD: November 28 - Her Royal Highness Princess Sarah Zeid of Jordan, who is also the World Food Program (WFP) Ambassador & Special Advisor on Nutrition called on Prime Minister Imran Khan. APP

اسلام آباد – 28 نومبر (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان سان اردن جي شهزاديءَ ۽ ورلڊ فوڊ پروگرام جي خصوصي صلاحڪار ساره زيد خميس ڏينهن هتي ملاقات ڪئي. وزيراعظم ميڊيا آفيس طرفان جاري بيان موجب ملاقات دوران ورلڊ فوڊ پروگرام جي ڊائريڪٽر نيوٽريشن لورين رٿ، ورلڊ فوڊ پروگرام جي ڪنٽري ڊائريڪٽر فن بارڪيورين، متحده عرب امارات ۽ نار تعاون ڪائونسل رينجن لاءِ ورلڊ فوڊ پروگرام جي ڊائريڪٽر مجيد يحيٰ ۽ ليڊ الٽرنيٽو فنانس ورلڊ پروگرام جي آمنه هلال به موجود هئي.

مضمون کا ماخذ : لاٹری کے نتائج