اقتصادي رابطا ڪميٽي جو اجلاس

image
APP39-11 ISLAMABAD: March 11 - Adviser to the Prime Minister on Finance and Revenue, Dr. Abdul Hafeez Shaikh chairing a meeting of the Economic Coordination Committee of the cabinet. APP

اسلام آباد – 11 مارچ (اي پي پي) اقتصادي رابطا ڪميٽي پاور ڊويزن پاران 20 ارب رپين جي خصوصي رليف پئڪيج جي تجويز جي پڻ منظوري ڏئي ڇڏي ۽ ڪڻڪ جي قيمت 1400 رپيا في 40 ڪلوگرام تائين وڌائڻ جي تجويز تي غور ڪيو. وزيراعظم جي ناڻي ۽ اوڳاڙين واري صلاحڪار ڊاڪٽر عبدالحفيظ شيخ جي صدارت ۾ اقتصادي رابطا ڪميٽي (اي سي سي) جو اجلاس ٿيو. اي سي سي ڪڻڪ جي قيمت 1400 رپيا في 40 ڪلوگرام تائين وڌائڻ جي تجويز تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي ۽ اڄ خميس ڏينهن ان حوالي سان هڪ خاص اجلاس پڻ طلب ڪيو آهي جنهن ۾ ڪڻڪ جي امدادي قيمت جي حوالي سان تفصيلي جائزو ورتو ويندو.

مضمون کا ماخذ : خلائی جنگیں