انڊسٽريل بائيوٽيڪنالاجي جي شعبي جي ترقي ضروري آهي: صدر

image
APP13-25 ISLAMABAD: August 25 - President Dr. Arif Alvi being briefed about the Jhelum Biotechnology Park by the Federal Minister for Science and Technology, Chaudhary Fawad Hussain at Aiwan-e-Sadr. APP

اسلام آباد – 25 آگسٽ (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي انڊسٽريل بائيوٽيڪنالاجي جي شعبي جي ترقي جي ضرورت تي زور ڏيندي چيو آهي ته ان سان جتي ملڪي روانگي واپار وڌڻ ۾ مدد ملندي اتي روزگار جا نوان موقعا به پيدا ٿيندا. هن اهڙن خيالن جو اظهار هتي جهلم بائيوٽيڪنالاجي پارڪ جي حوالي سان منعقد اجلاس جي صدارت ڪندي ڪيو. سائنس ۽ ٽيڪنالاجي واري وفاقي وزير چوڌري فواد حسين صدر کي ملڪ جي معاشي ترقي ۾ بائيوٽيڪنالاجي هربل ميڊيسن پارڪ جي اهميت ۽ ڪردار جي باري ۾ بريفنگ ڏني.

مضمون کا ماخذ : کمپیوٹر لاٹری