اسلام ۽ آئين اقليتن کي مڪمل مذهبي آزادي ۽ تحفظ فراهم ڪن ٿا: صدر

image
APP83-231220 ISLAMABAD: December 23 - President Dr. Arif Alvi addressing a Christmas celebration ceremony at Aiwan-e-Sadr. APP

اسلام آباد – 23 – ڊسمبر (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو آهي ته اسلام ۽ پاڪستان جو آئين اقليتن کي مڪمل مذهبي آزادي ۽ تحفظ فراهم ڪن ٿا، ملڪي ترقي ۾ مسيحي برادري جو وڏو ڪردار آهي، ملڪ مان غربت جي خاتمي لاءِ احساس پروگرام ۾ اقليتن جي لاءِ وڌيڪ حصو رکيو آهي. ايوان صدر ۾ ڪرسمس جي تقريب کي خطاب ڪندي صدر چيو ته قائداعظم محمد علي جناح پاڪستان قائم ٿيڻ کانپوءِ پنهنجي پهرين خطاب ۾ اقليتن کي آزادي ڏيڻ جو اعلان ڪيو هو.

مضمون کا ماخذ : مڈاس گولڈ