وچ ايشائي ملڪن سان واپار، سيڙپڪاري، توانائي ۽ عوامي رابطن کي فروغ ڏيڻ جي ضرورت آهي: وزيراعظم

image
APP48-291220 ISLAMABAD: December 29 - Uzbekistan Minister for Transport Makhkamov Ilkham called on Prime Minister Imran Khan. APP

اسلام آباد – 29 – ڊسمبر (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان وچ ايشائي ملڪن سان واپار، سيڙپڪاري، توانائي ۽ عوامي رابطن کي فروغ ڏيڻ جي عزم جو اظهار ڪندي چيو آهي ته اقتصادي واڌويجهه ۽ ترقي جي لاءِ علائقائي رابطن جي فروغ لاءِ گڏيل ڪوششن جي ضرورت آهي ۽ بحر هند تائين پهچ جي لاءِ وچ ايشيائي ملڪ پاڪستاني بندرگاهن جي وڏن موقعن مان فائدو کڻي سگهن ٿا. اهڙن خيالن جو اظهار هن ازبڪستان جي ٽرانسپورٽ واري وزير ميخوف سان ڳالهائيندي ڪيو جنهن ملاقات ڪئي. ملاقات دوران ٻطرفن لاڳاپن، علائقائي رابطن ۽ خطي ۾ امن ۽ سلامتي سان لاڳاپيل معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي.

مضمون کا ماخذ : اسکریچ کارڈز کی جیت