اسلام آباد – 07 – نومبر (اي پي پي) نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ سان بين ??لم??اهب هم آهنگي ۽ وچ اوڀر ۽ اس??ام?? ملڪن ۾ رهندڙ پاڪستانين جي معاملن واري خصوصي نمائندي مولانا طاهر ??شرفي ملاقات ڪئي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب ملاقات ۾ وچ اوڀر جي خراب ٿيندڙ صورتحال تي تفصيلي ڳالهه ٻولهه ڪئي وئي. ملاقات ۾ غزه ۾ غاصب صيهوني فوج پاران معصوم ??لس??ينين تي جاري نسل ڪشي ۽ ظلمن جي ڀرپور لفظن ۾ مذمت ڪئي وئي آهي. ملاقات ۾ اتفاق ڪيو ويو ته عالمي قوتن کي ??لس??ينين تي جاري ظلم کي روڪڻ ۾ پنهنجو ڪردار ادا ڪرڻ گهرجي. ملاقات ۾ نگران وزيراعظم ۽ مولانا طاهر ??شرفي ??لس??ينين خاص طور تي غزه جي صورتحال جي حوالي سان تمام جلد ٿيندڙ اس??ام?? تعاون تنظيم (او آءِ سي) جي اجلاس جي آجيان ڪئي. مولانا طاهر ??شرفي ملڪ ۾ بين ??لم??اهب هم آهنگي جي فروغ لاءِ حڪومتي قدمن تي نگران وزيراعظم خراج تحسين پيش ڪيو. نگران وزيراعظم مولانا طاهر ??شرفي جي بين ??لم??اهب هم آهنگي ۽ وچ اوڀر ۽ اس??ام?? ملڪن ۾ رهندڙ پاڪستانين جي ڀلائي لاءِ ڪوششن کي ساراهيو.