اسلام آباد – 05 مارچ (اي پي پي) يوٽيليٽي اسٽورن تي رمضان شريف کان اڳ بنيادي شين تي 7.5 ارب رپين جي خصوصي سبسڊي جي شروعات(اڄ) اڱاري کان ٿي وئي آهي. يوٽيليٽي اسٽورز ڪارپوريشن اسٽورز جي ترجمان مطابق وزيراعظم طرفان اعلان ڪيل عوام جي سهولت لاءِ رمضان شريف جي مهيني ۾ 7.5 ارب رپين جي خصوصي سبسڊي تي بنيادي شين جي فراهمي اڄ کان شروع ڪري ڇڏي آهي. وفاقي حڪومت ان خصوصي پيڪج تحت يوٽيليٽي اسٽورز ڪارپوريشن جي ذريعي عوام کي 19 بنيادي شيون جن ۾ اٽو، گ??هه، کاڄرو تيل، کنڊ، دال، چڻا، اڇي چڻ??، بيسڻ، کجي، چانور، چانهه، گرام مصالحن، کير ۽ ش??بت رعايتي اگهن تي فراهم ڪيون وينديون. ترجمان مطابق يوٽيليٽي اسٽورز ڪارپوريشن رمضان دوران عوام جي ضرورتن کي نظر ۾ رکندي سمورن عذائي جنسن جي وافر مقدار ۾ دستيابي کي يقيني بڻائيندي. ان ڀيري اها رعايت ٽارگيٽڊ سبسڊي ذريعي بي آءِ ايس پي ۾ PMT-40 بدرا PMT-60 جي رجسٽرڊ غريب خاندانن کي ملندي ۽ PMT-60 جي سبب 20 ڪروڙ عوام ان پيڪج سان فائدو حاصل ڪندا. نوٽيڪيشن مطابق رمضان پيڪج تحت چانهه جي 800 گرام قيمت ۾ 100 رپيا، بيسڻ ۽ کجي جو في ڪلو قيمت ۾ 50 رپيا، کير جو في ليٽر پيڪ جي قيمت ۾ 30 رپيا، دالين ۽ چانور جو في ڪلو قيمت ۾ 25 رپيا، ڪوڪنگ آئل جو في ليٽر قيمت ۾ 25 رپيا ۽ ش??بت جي 800 ملي ليٽر قيمت ۾ 30 رپين جي گهٽتائي ڪري ڇڏي آهي.