اسلام آباد – 23 – آگسٽ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته ننڍي ۽ وچولي درجي جو ڪاروبار ملڪي معيشت ۾ ڪرنگهي ??ي هڏي جي حيثيت رکي ٿو، سميڊا بورڊ سميت اهڙا سمورا ادارا جيڪي ملڪي معيشت جي لاءِ انتهائي اهم آهن، انهن جي بورڊز جي نئين سر جوڙجڪ فوري طور تي ڪئي وڃي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم محمد شهباز شريف جي ص??ارت ۾ سمال اينڊ ميڊيم انٽرپرائيزز ڊيولپمينٽ اٿارٽي (سميڊا) بابت اجلاس ٿيو. وزيراعظم چيو ته ننڍي ۽ وچولي درجي جو ڪاروبار ملڪي معيشت ۾ ڪرنگهي ??ي هڏي جي حيثيت رکي ٿو. وزيراعظم سميڊا بورڊ جي غيرفعال ٿيڻ تي ڪاوڙ جو اظهار ڪندي سميڊا جي بورڊ کي فوري طور تي جوڙڻ ??ي هدايت ڪئي. وزيراعظم سميڊا جي چيف ايگزيڪيوٽو آفيسر جي فوري مقرري جي لاءِ ضر??ري قدمن ??ي هدايت ڪئي. وزيراعظم سميڊا جي حوالي سان اسٽيئرنگ ڪميٽي جوڙڻ ??ي هدايت ڪئي. اسٽيئرنگ ڪميٽي جي ص??ارت وزيراعظم پاڻ ڪندو. وزيراعظم هدايت ڪئي ته اسٽيئرنگ ڪميٽي ۾ نجي شعبي سان تعلق رکندڙ ماڻهن کي به شامل ڪيو وڃي. وزيراعظم صنعتن ۾ سب ڪانٽريڪٽنگ کي فروغ ڏيڻ ??ي هدايت ڪندي چيو ته پاڪ??تا??ي صنعتن کي گلوبل سپلاءِ چين جو حصو بڻائڻ جي حوالي سان ڀرپور قدم کڻڻ جي ضر??رت آهي. وزيراعظم کي سميڊا جي معاملن تي بريفنگ ۾ ٻڌايو ويو ته پهريون ڀيرو سميڊا جي لاءِ ڊيولپمينٽ فنڊ جو قيام عمل ۾ آندو ويو آهي. بريفنگ ۾ ٻڌايو ويو ته 6 سالن جي لاءِ 30 بلين رپيا سميڊا ڊيولپمينٽ فنڊ رکيو ويو آهي، جنهن مان 25 – 2024ع جي لاءِ 5 بلين رپيا ڏنا ويا آهن. پاڪ??تا?? ۾ هن وقت 5.2 ملين ننڍي ۽ وچولي درجي جا ڪاروبار موجود آهن جن جو ملڪ جي جي ڊي پي ۾ حصو 40 سيڪڙو آهي، ملڪ جي 31 سيڪڙو برآمدات ايس ايم ايز تي منحصر آهي. بريفنگ ۾ ٻڌايو ويو ته نان اگريڪلچرل ملازمن کانسواءِ 72 سيڪڙو نوڪريون ايس ايم ايز سيڪٽر مهيا ڪري رهيو آهي. ايس ايم ايز سيڪٽر لاءِ هيستائين 491 بلين رپيا بئنڪ ڪريڊٽ جي مد ۾ فراهم ڪيا ويا آهن. جيتوڻيڪ ايس ايم اي سيڪٽر جي لاءِ بئنڪ ڪريڊٽ کي 800 ملين تائين کڻي وڃڻ جي ضر??رت آهي. اجلاس ۾ نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير اسحاق ڊار، اقتصادي معاملن واري وفاقي وزير احد خا?? چيما، صنعت ۽ پيداوار واري وفاقي وزير راڻا تنوير حسين، وزيراعظم جي ڪوآرڊينيٽر راڻا احسان افضل ۽ لاڳاپيل اعليٰ سرڪاري آفيسرن شرڪت ڪئي.