امت کي درپيش چئلينجز جي حل لاءِ عالم اسلام ۾ اتحاد اڻٽر آهي: شاهه سلمان

image
APP34-24 RIYADH: December 24 - Speaker National Assembly Asad Qaiser called on King of Saudi Arabia Salman Bin Abdulaziz Al Saud. APP

رياض – 24 ڊسمبر (اي پي پي) سعودي عرب جي فرمانروا شاهه سلمان بن عبدالعزيز چيو آهي ته امت کي درپيش چئلينجز جي حل لاءِ عالم اسلام ۾ اتحاد اڻٽر آهي، خطي ۾ امن ۽ مسلمان ملڪن ۾ اتحاد لاءِ پاڪستان جو ڪردار واکاڻ جوڳو آهي، ڪشمير مسئلي سميت سمورن تڪرارن کي ڳالهين جي ذريعي پرامن طور تي حل ڪرڻ گهرجي، سعودي عرب ڪشمير مسئلي جو گڏيل قومن جي قراردادن موجب پرامن حل چاهي ٿو، پاڪستان جي تعمير ۽ ترقي لاءِ سعودي عرب هر ممڪن تعاون جاري رکندو، اهڙن خيالن جو اظهار هن شاهي محل ۾ قومي اسيمبلي جي اسپيڪر اسد قيصر جي سربراهي ۾ پارلياماني وفد سان ملاقات دوران ڳالهائيندي ڪيو.

مضمون کا ماخذ : ٹکی انماد