پاڪستان اسٽاڪ ايڪسچنيج خطي ۾ سڀ کان بهتر ڪارڪردگي ڏيکاري رهيو آهي: صدر

image
APP68-09 KARACHI: September 09 - President Dr Arif Alvi speaking on the occasion of his visit to Pakistan Stock Exchange. APP

ڪراچي – 09 سيپٽمبر (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو آهي ته پاڪستان اسٽاڪ ايڪسچنيج خطي ۾ سڀ کان بهتر ڪارڪردگي ڏيکاري رهيو آهي، جيڪو ملڪ جي مجموعي معاشي واڌ جي عڪاسي ڪري ٿو، افغانستان ۾ امن ۽ نئين سر تعمير جي آغاز سان پاڪستان جي سيڙپڪارن ۽ تعميراتي صنعت لاءِ موقعا پيدا ٿيندا. اهڙن خيالن جو اظهار هن پاڪستان اسٽاڪ ايڪسچينج جي دوري جي موقعي تي ڪيو، صدر کي پاڪستان اسٽاڪ ايڪسچينج جي ڪارڪردگي ۽ معاملن جي باري ۾ بريفنگ ڏني وئي.

مضمون کا ماخذ : ٹربو چارج