حڪومت سي پيڪ منصوبن جي جلد تڪميل لاءِ پرعزم آهي: ڊاڪٽر فردوس عاشق اعواڻ

image
APP18-17 ISLAMABAD: December 17 - Special Assistant to the Prime Minister on Information and Broadcasting, Dr. Firdous Ashiq Awan addressing an International Conference “Cross-Regional Media Fusion among the Belt and Road Partners”. APP

اسلام آباد – 17 ڊسمبر (اي پي پي) وزيراعظم جي اطلاعات ۽ نشريات بابت خاص مددگار ڊاڪٽر فردوس عاشق اعواڻ چيو آهي ته پاڪستان جي حڪومت سي پيڪ منصوبن جي جلد تڪميل لاءِ پرعزم آهي، سي پيڪ سان خطي جي قسمت بدلجڻ ۽ خطي ۾ خوشحالي جو نئون باب کلندو. وزيراعظم تازو ئي گوادر جي دوري ۾ اربين روپين جي منصوبن جو اعلان ڪيو، سي پيڪ جي خلاف مخالفن جي پروپيگنڊا کي ناڪام بڻائڻ تي پاڪستاني ميڊيا جو ڪردار واکاڻ جوڳو آهي. هو مقامي هوٽل ۾ ”بيلٽ ۽ روڊ جي حصيدارن ۾ ڪراس ريجنل ميڊيا فيوزن“ جي عنوان سان عالمي ڪانفرنس کي خطاب ڪري رهي هئي.

مضمون کا ماخذ : بہت کچھ