قومن جي تعمير ۾ وسيلن جو صحيح استعمال ضروري آهي: صدر

image
APP21-06 ISLAMABAD: February 06 - President Dr. Arif Alvi addressing the inaugural ceremony of National Nutrition Conference. APP

اسلام آباد – 06 فيبروري (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي ٻارن ۾ غذائي کوٽ تي ضابطو آڻڻ ۽ آبادي ۾ اضافي جي روڪٿام جي ضرورت جي اهميت اجاگر ڪندي چيو آهي ته قومن جي تعمير ۾ مثبت سوچ، منصوبابندي ۽ وسيلن جو صحيح استعمال ضروري آهي، ملڪ ۾ ٻارن جو وڏو انگ غذائي کوٽ جو شڪار آهي، ٻارن جو مستقبل محفوظ بڻائڻ جي لاءِ ٺوس پاليسي سازي جي ضرورت آهي، ملڪ کي صحتمند ۽ خوشحال بڻائڻ جي لاءِ اسان کي ذميواري جو مظاهرو ڪرڻ گهرجي، ميڊيا معاشري ۾ سماجي براين بابت آگاهي پيدا ڪرڻ جي لاءِ پنهنجو ڪردار ادا ڪري. اهڙن خيالن جو اظهار هن قومي غذائي ڪانفرنس کي خطاب ڪندي ڪيو.

مضمون کا ماخذ : قدیم مصری کلاسک