حڪومت ضلعي انتظاميا جي مدد سان آبادگارن کي يوريا ڀاڻ جي ڪنٽرول اگهه تي ورڇ ۽ فراهمي يقيني بڻائڻ لاءِ ٺوس حڪمت عملي جوڙي ڇڏي آهي: وزيراعظم

image

اسلام آباد – 19 جنوري (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته حڪومت ضلعي انتظاميا جي مدد سان آبادگارن کي يوريا ڀاڻ جي ڪنٽرول اگهه تي ورڇ ۽ فراهمي يقيني بڻائڻ جي لاءِ ٺوس حڪمت عملي جوڙي ڇڏي آهي. وزيراعظم ڀاڻ جي معاملي تي اعليٰ سطحي اجلاس جي صدارت ڪئي. وزيراعظم چيو ته حڪومت ملڪ ۾ ڀاڻ جي ورڇ ۾ وڌيڪ منافعي خوري جي لاءِ ڀاڻ جي ذخيره اندوزن ۽ اسمگلنگ جي خلاف سخت قدم کڻي رهي آهي. هن چيو ته حڪومت جي ٽي سالا دور ۾ ڀاڻ جي رڪارڊ پيداوار ٿي آهي ۽ اها پيداوار 61 لک ٽن کان وڌي وئي جڏهن ته 2018ع کان اڳ ڪڏهن به اها پيداوار 55 لک ٽن کان مٿي نه وئي. مقامي سطح تي ڀاڻ جي پيداوار سان آبادگارن ي عالمي مارڪيٽ جي قيمتن جي مقابلي ۾ پنجوڻ تي سستو ڀاڻ دستياب ٿي سگهيو آهي. اجلاس کي ڀاڻ جي پيداوار، ان جي سڄي ملڪ ۾ ورڇ، ذخيره اندوزي ۽ اسمگلنگ کي منهن ڏيڻ جي لاءِ مانيٽرنگ جي طريقيڪار ۽ پاڪستان ۽ علائقائي سميت عالمي سطح تي يوريا جي قيمتن جي فرق تي تفصيلي بريفنگ ڏني وئي. اجلاس کي ٻڌايو ويو ته حڪومت جي ٽن سالن جي مدي ۾ يوريا جي پيداوار 61 لک ٽن 4 لک 40 هزار ٻوريُون روزانو کان وڌي وئي آهي، ان کان اڳ اها پيداوار 55 لک ٽن 3 لک 70 هزار ٻوريُون ڏهاڙي کان گهٽ رهي. اهي سموريون ڪاميابيون حڪومت جي پاليسين جي ڪري ممڪن ٿي سگهيون. جنهن ۾ يوريا پلانٽس کي بنا رڪاوٽ گئس جي فراهمي شامل آهي. وزيراعظم جي فوڊ سيڪيورٽي جي ترجيحن جي ويزن تحت سپلائي ۽ ڊيمانڊ جي مانيٽرنگ سسٽم سان گڏ پوري عمل جي مڪمل نگراني ڪئي پئي وڃي ۽ روزاني جي بنياد تي مسئلا حل ڪيا وڃن ٿا. سنڌ کانسواءِ سمورا ٻيا صوبا 90 سيڪڙو پيداوار ۽ 23 سيڪڙو تصديق سان گڏ پي آئي ٽي بي پورٽل جي ويريفڪيشن يقيني بڻائي رهيا آهن. اجلاس کي عملدارن پاران اسمگلنگ جي خاتمي واري آپريشن ۽ بارڊر تي پڪڙيل ٻورين بابت تفصيلن کان پڻ آگاهه ڪيو ويو. اجلاس کي يوريا جي شعبي ۾ سپلائي ۽ ڊيمانڊ جي وچ ۾ مشڪلاتن جي ذميوار عنصرن بابت پڻ بريفنگ ڏني وئي. اجلاس ۾ يونين ڪائونسل جي سطح تي يوريا ڀاڻ جي مناسب ورڇ يقيني بڻائڻ جي لاءِ ٺوس منصوبو پيش ڪيو ويو جنهن تي عملدرآمد سان يونين ڪائونسل جي سطح تي ضلعي انتظاميا، زراعت کاتي ۽ روينيو کاتي جي نگراني هيٺ يوريا جي مناسب فراهمي يقيني بڻائي سگهبي. وزيراعظم هدايت ڪئي ته ان منصوبي تي فوري عمل يقيني بڻايو وڃي ته جيئن ننڍن آبادگارن کي سهولت ملي سگهي جيڪا حڪومت جي اولين ترجيح آهي. اجلاس ۾ وفاقي وزيرن شوڪت ترين، چوڌري فواد حسين، حماد اظهر، مخدوم خسرو بختيار، سيد فخر امام، فرخ حبيب، ڊاڪٽر شهباز گل، جمشيد اقبال چيما، ڀاڻ جي صنعت سان واڳيل ڌرين ۽ لاڳاپيل عملدارن شرڪت ڪئي.

مضمون کا ماخذ : میگا سینا آن لائن
متعلقہ مضامین
مزید خبریں