اسلام آباد – 05 اپريل (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته نوجوانن جي صلاحيتن کي استعمال ۾ آڻڻ جي ل??ءِ آءِ ٽي جو شعبو تمام گهڻي اهميت رکي ٿو، آءِ ٽي جي شعبي ۾ خاص طور تي ڪوويڊ دوران تعليم يافته نوجوانن جي ل??ءِ تمام گهڻا مو??عا پيدا ٿيا آهن، خاص طور تي ٽيڪنالاجي زونز قائم ڪرڻ آءِ ٽي جي شعبي جي فروغ ۾ اهم ڪردار ادا ڪندو. اهڙن خ??الن جو اظهار هن ملڪ ۾ آءِ ٽي سيڪٽر جي فروغ جي حوالي سان اجلاس جي صدارت ڪندي ڪيو.