اسلام آباد – 30 جولاءِ (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير چوڌري فواد حسين چيو آهي ته سنڌ ۾ مڪمل طور تي لاڪ ڊائون جي ا??از?? قطئي طور تي نه ڏني ويندي، مڪمل لاڪ ڊائون جي حوالي سان وفاقي حڪومت جي پاليسي واضح آهي، سپريم ڪورٽ به چئي چڪي آهي ته صوبا ان ڏس ۾ انفرادي فيصلو نٿا ڪري سگهن، آرٽيڪل 151 تحت پاڪستان هڪ سنگل مارڪيٽ آهي، ڪراچي جي بندرگاهه پاڪستان جي معيشت جي شه رڳ آهي ۽ اهڙو قدم کڻڻ جي ا??از?? نٿي ڏئي سگهجي جنهن سان پاڪستان جي معاشي شه رڳ متاثر ٿئي. سنڌ حڪومت پاران مڪمل لاڪ ڊائون جي فيصلي تي ??اري ڪيل پنهنجي بيان ۾ وفاقي وزير چيو ته مڪمل لاڪ ڊائون جو ڪو به آپشن ڪنهن صوبي کي دستياب نه آهي، ڪورونا جي حوالي سان پاليسي وفاق ۽ اين سي او سي جاري ڪندا آ??ن ۽ صوبا ان تي ??ملدرآمد جا پابند آهن، هن چيو ته پاڪستان ڪورونا جو ڀرپور طريقي سان مقابلو ڪيو آهي، هن وقت تائين اسان انساني جانيون بچائڻ ۾ ڪامياب ٿيا آ??يون ۽ ملڪي معيشت به هاڻي پنهنجي پيرن تي ??يهي رهي آهي. هن چيو ته وزيراعظم عمران خان جو موقف آهي ته مڪمل لاڪ ڊائون سان مزدور، ڏهاڙيدار طبقو شديد متاثر ٿيندا آ??ن، هن چيو ته جيڪڏهن سنڌ حڪومت ايس او پيز تي ??ملدرآمد ڪيو هجي ها ته اڄ ڪراچي ۾ صورتحال سنگين نه هجي ها، هن چيو ته سنڌ کي واضح طور تي پيغام ڏنو ويو آهي ته انفرادي فيصلا نٿا ڪري سگهجن، اين سي او سي جي گائيڊ لائينز تي ??ملدرآمد ڪرڻ ضروري آهي.