ڪوئيٽا – 04 آگسٽ (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي ??يو آهي ته راندين جي ??رگرمين سان صحتمند مقابلي جو رجحان پيدا ٿيندو آهي، عورت ڪرڪيٽ رانديگرن پنهنجي محنت ۽ شوق سان ثابت ڪيو ته پاڪستاني عورتون باصلاحيت آهن ۽ زندگي جي هر شعبي ۾ دنيا جو مقابلو ڪرڻ جو حوصلو رکن ٿيون. ايوان صدر جي پريس ونگ مان جاري بيان موجب صدر ڊاڪٽر عارف علوي سان ويمن ٽي – 20 ڪرڪيٽ ٽورنامينٽ جي ونر ۽ رنر اپ ٽيمن ڪوئيٽ?? ۾ ??لاقات ڪئي. گورنر هائوس ڪوئيٽ?? ۾ ??يندڙ ملاقات ۾ بلوچستان جو گورنر سيد ظهور آغا، بلوچستان جو وڏو وزير ڄام ڪمال خان، راندين وارو سيڪريٽري عمران گچڪي به موجود هئا، صدر ٽورنامينٽ کي ويمن ايمپاورمنٽ ۽ ملڪ ۾ صحتمنداڻي سرگرمين جي فروغ طرف اهم اڳڀرائي قرار ڏنو. صدر ڊاڪٽر عارف علوي جو چوڻ هو ته راندين جي ??رگرمين سان صحتمنداڻي مقابلي جو رجحان پيدا ٿيندو آهي. عورت ڪرڪيٽ رانديگرن پنهنجي محنت ۽ شوق سان ثابت ڪيو ته پاڪستاني عورتون باصلاحيت آهن ۽ زندگي جي هر شعبي ۾ دنيا جو مقابلو ڪرڻ جو حوصلو رکن ٿيون. ويمن ڪرڪيٽرز ملاقات ۾ ڪرڪيٽ ليگ جي ??نعقاد تي ڪوئيٽا گليڊيئٽرز ۽ حڪومت جو ٿورو ادا ڪيو.